مون کي محسوس ٿي رهيو هو ته مان مرڻ واري آهيان، منيشا

مون کي محسوس ٿي رهيو هو ته مان مرڻ واري آهيان، منيشا

ممبئي: (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪاره منيشيا ڪوئرالا ڪينسر کي انتهائي خوفناڪ احساس قرار ڏئي ڇڏيو. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب منيشيا ڪوئرالا ۾ 2012 ۾ اوويرين ڪينسر جي اسٽيج 4 جي سڃاڻپ ڪئي وئي هئي جنهن جو علاج اداڪاره آمريڪا مان ڪرايو هو.انهي دوران انهي جي سرجري ۽ ڪيموٿراپي به ٿي، سندس آخري ڪيمو ٿراپي جو سيشن اپريل 2013 ۾ ٿيو هو جنهن کان پوءِ ڊاڪٽرن طرفان منيشيا کي ڪينسر فري قرار ڏنو ويو هو.تازو ئي اداڪاره هڪ انٽرويو ڏنو جنهن ۾ هن ماضي جي تمام گهڻن ڳالهين کي ياد ڪندي ڪينسر جي حوالي سان به ڳالهيون ڪيون. هن چيو ته مان اسپتال ۾ هئس ۽ جڏهن مون کي خبر پئي ته مون کي ڪينسر ٿي ويو آهي ته اها رات منهنجي لاءِ سڀني کان وڌيڪ اڪيلائپ ۽ ڊگهي ترين رات هئي، مون کي محسوس ٿي رهيو هو ته مان مرڻ واري آهيان.منيشيا چيو ته ڪيترائي ڀيرا مون اڪيلائي محسوس ڪئي، ڪينسر جي دوران مون کي احساس ٿيو ته هڪ مريض ڪيئن اڪيلو محسوس ڪندو آهي، اهو انتهائي خوفناڪ وقت هو جنهن کي ڪير به محسوس نٿو ڪري سگهي.هن وڌيڪ چيو ته مان تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي انهي دوران مون پنهنجي صحت جو خيال نه رکيو، جيڪڏهن مون کي زندگي ۾ ٻيهر موقعو ملندو ته مان پنهنجي صحت کي ترجيح ڏيندس.

پهنجو تبصرو موڪليو