شادي ماهين سان ئي ڪرڻي هئي نه ته ڪيان ئي نه ها: شهريار منور

شادي ماهين سان ئي ڪرڻي هئي نه ته ڪيان ئي نه ها: شهريار منور

ڪراچي )اسٽاف رپورٽر)پاڪستاني اداڪار شهريار منور پنهنجي گهرواري ۽ اداڪارا ماهين صديقيءَ جي واکاڻ ڪندي چيو آهي ته گذريل ڪجهه مهينن دوران کيس احساس ٿيو آهي ته جيڪڏهن شادي ڪرڻي ئي هئي ته ماهين سان ڪرڻي هئي، ٻي صورت ۾ شايد شادي ئي نه ڪري ها. احمد علي بٽ جي پوڊڪاسٽ ۾ ڳالهائيندي شهريار منور پنهنجي گهرواريءَ کي هڪ بهترين انسان قرار ڏنو. شاديءَ تي مبارڪون ملڻ جي جواب ۾ اداڪار چيو ته الحمدلله، هن وقت تائين سندس ازدواجي زندگي سٺي گذري رهي آهي. شهريار منور جو چوڻ هو ته ماهين کيس تمام سٺي نموني سنڀالي ٿي، جيڪو پاڻ ۾ هڪ وڏو ڪم آهي. هن چيو ته شاديءَ ۾ سڀ کان وڏو چئلينج هڪ ئي شخص سان روزانو وقت گذارڻ آهي. ڪنهن هڪ ماڻهوءَ سان روزانو 16 ڪلاڪ يا ان کان به وڌيڪ وقت گڏ گذارڻ لاءِ پاڻ کي ذهني طور تيار ڪرڻ ضروري آهي. ان موقعي تي احمد علي بٽ چيو ته شاديءَ جي حقيقت جو احساس عام طور ٻئي هفتي کان ٿيڻ شروع ٿيندو آهي، جڏهن انسان کي اندازو ٿيندو آهي ته سندس جيون ساٿي هاڻي مستقل طور ساڻس گڏ رهڻو آهي. شهريار منور به ان ڳالهه سان اتفاق ڪندي چيو ته ڪو به ماڻهو اوهان کي اهو نه ٻڌائيندو آهي ته شاديءَ کانپوءِ هڪ شخص هر وقت اوهان جي آس پاس موجود هوندو. واضح رهي ته شهريار منور ۽ ماهين صديقي ڊسمبر 2024ع ۾ شادي ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو