ڳڙهي ياسين (شفيق مھر) روزاني سنڌيار پاران هڪ سنڌ هڪ ثقافت جي عنوان سان ثقافتي ڏھاڙو ملھايو ويو، پريس ڪلب ڳڙھي ياسين ۾ راڳ رنگ جي محفل ۽ مچ ڪچھري، سياسي سماجي توڙي شهرين جي ڀرپور شرڪت، سنڌ جي نامياري فنڪارن سليم رضا ڪنڀر،نادر ابڙو،اختيار سولنگي ۽ ٻين فنڪارن سنڌ ڌرتي جا گيت اي سنڌ مون تون لئه ڄڻيو هي سنڌ يار آ، سنڌڙي تي سر ڪير نه ڏيندو ۽ ھو جمالو ڳائي محفل ۾ ويٺل ماڻھن کي جھومڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو.

ان کان اڳ تقريب ۾ شرڪت ڪندڙ مختلف تنظيمن جي اڳواڻن عبدالقادر شاھ امروٽي، ايڊووڪيٽ محمد علي شاھ، ٽائون آفيسر شفيق ڀٽو، وائس چئيرمين عمرالدين ملڪ، علي خان راڄڙ سميت ڊکڻ مديجي ۽ شڪارپور جي صحافين کي سنڌ جي سوکڙي اجرڪ اوڍائي ٽوپيون پارايون ويون ڪوٺايل تقريب ۾ شھرين پاران پريس ڪلب جي سرپرست اعليٰ محمد اسلم سومرو صدر امداد علي ککراڻي سميت شفيق احمد مھر، فائق احمد پٺاڻ، حزب اللّٰه پيرزاده، عبدالوحيد ڀٽو، مور خان خروس، اياز مغل، قادر داد مهر، زوھيب علي انصاري، محبوب علي ديناري ۽ ٻين صحافين کي به سنڌ جي سوکڙي اجرڪ ۽ ٽوپي جا تحفا پيش ڪيا ويا.

ڪوٺايل تقريب ۾ شرڪت ڪندڙ مختلف تنظيمن جي اڳواڻن عبدالرحمٰن عرف ڏاڏو خان، شاھين سنڌي، ايڊووڪيٽ محمد علي شاه، عبدالقادر شاھ امروٽي ۽ ٻين ڳالھائيندي چيو ته اسان سنڌيار اخبار جي سرواڻ سينيئر صحافي اعجاز مھر کي جديد انداز ۾ هڪ نئين اخبار ڏيڻ تي واڌايون پيش ڪيون ٿا ۽ اميد رکون ٿا ته سنڌي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ سان گڏ سنڌ جي تعليم کي بهتر بنائڻ، سنڌ جي ماڳن جي تحفظ ۽ ماروئڙن جي مسئلن جي حل لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪندا رهندا. تقريب جي آخر ۾ فنڪارن هو جمالو ڳائي شهرين کي جهومائي وڌو.










