شيرآيا جي نعرن ۾ رانا ثناءُ الله 14ڏينهن رمانڊ تي جيل حوالي

شيرآيا جي نعرن ۾ رانا ثناءُ الله 14ڏينهن رمانڊ تي جيل حوالي

لاهور(م ڊ) اينٽي نارڪوٽڪس فورس مسلم ليگ ن پنجاب جي صدر راڻا ثناءُ الله کي جڊيشل ميجسٽريٽ احمد وقاص آڏو پيش ڪيو، جنهن کيس 14 ڏينهن جي رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو. عدالت ۾ سندس پيشي وقت سخت حفاظتي انتظام ڪيا ويا، ڪنٽينر ۽ ڪنڊيدار تارون لڳايون ويون پوءِ به ليگي ڪارڪن پهچي ويا جن پيشي وقت نعرا هنيا ته شير آيا شير آيا. اي اين ايف مٿس ڊيوٽي اٽڪاءَ، پوليس سان هثين پوجڻ، 15 ڪلوگرام هيروئن سميت 21 ڪلوگرام منشيات برآمد ڪرڻ جو الزام مڙهيو آهي. 15 ڪلو هيروئن واري قلم هيٺ موت جي سزا ملي سگهي ٿي ۽ اهو ناقابل ضمانت ڏوهه به آهي. رانا ثناءُ الله ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته هي ظلم آهي ۽ ظلم جي حڪومت نه هلندي آهي. ياد رهي ته ڪالهه فيصل آبد مان لاهور ويندي سکيڪي وٽ کيس روڪي حراست ۾ ورتو ويو هو. ميان شهباز شريف گرفتاري جي مذمت ڪندي چيوآهي ته حڪومت ڪريل حرڪتن تي لهي آهي. مريم نواز به مذمت ڪندي چيو آهي ته کيس وفاداري مٽائڻ لاءِ حڪومت ناڪام ڪوشش ڪري پئي. تجزيه ڪارن جو چوڻ آهي ته حڪومت مسلم ليگ ن کي ٽوڙڻ ۾ ناڪامي سبب اهڙيون حرڪتون ڪري خوف پيدا ڪرڻ چاهي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو