بيمار فنڪارن جي سار نه لهڻ تي ثقافت کاتي خلاف احتجاج

بيمار فنڪارن جي سار نه لهڻ تي ثقافت کاتي خلاف احتجاج

مورو (اياز سولنگي) فالج سبب گذريل ٽن سالن کان بيماري ۾ ورتل باجي نواز احمد علي رند ۽ ٻين بيمار فنڪارن جي ثقافت کاتي پاران سار نه لھڻ ۽ علاج نه ڪرائڻ خلاف جيئي سنڌ محاذ ۽ سنڌ صوفي سنگت فائونڊيشن پاران راڳ ڳائي احتجاجي مظاھرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي جنھن جي اڳواڻي وقار ڪلهوڙو، باجي ماسٽر احمد علي رند، جي ايم سابقي ۽ ٻيا ڪري رھيا ھئا. ان موقعي تي فالج ۾ ورتل باجي نواز احمد علي رند چيو ته مان سنڌ جي ناليوارن فنڪارن سان گڏ ڪم ڪيو آھي جن ۾ جلال چانڊيو، فوزيه سومرو، گلشير تيوڻو، عرس چانڊيو ۽ ٻيا شامل آھن پر ھن وقت فالج سبب سخت پريشان آھيان مان مطالبي سان گڏ اپيل ٿو ڪريان ته منھنجي مدد ڪري سرڪاري خرچ تي علاج ڪرايو وڃي ته جيئن زندگي جا ڏينھن وڌيڪ بھتر سڪون سان گھاري سگھان. جڏھن ته مظاھرين جو چوڻ هو ته سنڌ جي فنڪارن ۽ آرٽسٽن کي ھٿ وٺي نظرانداز ڪيو پيو وڃي جيڪا سراسر فنڪارن سان نا انصافي آھي ڇاڪاڻ ته فنڪار ۽ آرٽسٽ قومن جو اثاثو آھن پر افسوس سنڌ جي ادارن ۾ ويٺل بي رحم ڪامورن جي ڪن لاٽار سبب اسان جا فنڪار ننڌڻڪاڻي جو شڪار آھن. ھنن چيو ته بيماري جي بستري تي پيل احمد علي رند جو علاج ۽ واھر لاءِ سنڌ سرڪار، ثقافت کاتي کي اپيل ٿا ڪريون ته سنڌ جي فنڪارن آرٽسٽن جي سار لھي.

پهنجو تبصرو موڪليو