رانا ثناءُ الله جي جڊيشل رمانڊ ۾ 5 ڏينهن جي واڌ

لاهور( ۾ ڊ) منشيات ڪيس ۾ گرفتار اڳوڻي پنجاب جي قانون واري وزير راناثناءُالله جي عدالت جوڊيشل رمانڊ ۾ وڌيڪ 5 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي. راناثناءُالله جي جوڊيشل رمانڊ جي مدت ختم ٿيڻ کان پوءِ جج مسعود ارشد جي عدالت ۾ کيس پيش ڪيو ويو. ان موقعي تي جوڊيشل ڪمپليڪس جي چوطرف سيڪيورٽي  جا سخت انتظام ڪيا ويا.رانا ثناءُالله جي وڪيل اعظم نذير تارڙ دليل ڏنا. جڏهن ته اي اين ايف اختيارين طرفان راجه انعام منهاس ايڊووڪيٽ پيش ٿيو. عدالت جي ڪمري ۾ رانا ثناءُالله پنهنجي گهر واري سان به ملاقات ڪئي جڏهن ته مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ عظميٰ بخاري ۽ رانا ارشد به اي اين ايف عدالت ۾ موجود هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو