ويڊيو جي تصديق تائين ان جو نواز شريف کي فائدو نه ٿيندو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ميان نواز شريف کي العزيزيه ريفرنس ۾ سز ڏيندڙ اهتساب عدالت جي جج ارشد ملڪ واري ويڊيو اسڪينڊل بابت سپريم ڪورٽ تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي. جنهن ۾ عدالت چيو آهي ته هي مناسب موقعو ناهي ته ويڊيو جي اثرن بابت عدالت مداخلت ڪري ڇو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ڪرمنل ڪيس جي اپيل زير التويٰ آهي ۽ هي ويڊيو ان سان لاڳاپيل آهي. عدالت چيو آهي ته هي ويڊيو تيسين ميان نواز سريف لاءِ فائديمند نه هوندو جيسين ان جي مڪمل تصديق ٿئي ۽ اهو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ مستند شاهدي طور پيش ٿئي ۽ عدالت ان کي تسليم ڪري. چيف جسٽس آصف سعيد کوسه جي سربراهيءَ ۾ جڙيل 3 رڪني بئنچ محفوظ ڪيل فيصلو جاري ڪيو آهي، جيڪو چيف جسٽس پڙهي ٻڌايو ۽ ان دوران جسٽس شيخ عظمت سعيد ۽ جسٽس عمر عطا بنديال به عدالت ۾ موجود هئا. اهو فيصلو سپريم ڪورٽ جي ويب سائيٽ تي به جاري ڪيو ويو آهي. هتي ڪلڪ ڪري پڙهي سگهو ٿا.
فيصلو ٻڌائيندي چيف جسٽس آصف سعيد کوسه چيو ته جج ارشد ملڪ وڊيو اسڪينڊل ڪيس جو فيصلو 5 نقطن تي ٻڌل آهي، پهريون نقطو اهو آهي ته اهو ڪهڙو فورم آهي، جتي هن وڊيو جي فارينزڪ ڪئي وڃي، ٻيو نقطو آهي ته وڊيو جيڪڏهن اصل آهي ته اُن کي ڪيئن سمجهيو وڃي ۽ ڪيئن ثابت ڪيو وڃي؟ وري جيڪڏهن وڊيو سچي آهي ته اُن کي عدالت ۾ ڪيئن ثابت ڪري سگهجي ٿو؟ ٽيون نقطو ۽ سوال اهو آهي ته هن وڊيو جا نواز شريف جي ڪيس تي ڪهڙا اثر پئجي سگهن ٿا. فيصلي ۾ چوٿون نقطو ۽ سوال اهو اٿاريو ويو آهي ته وڊيو اسڪينڊل جي جج ارشد ملڪ جي مستقبل تي ڪهڙا اثر پوندا؟ ۽ پنجون سوال آهي ته جج ارشد ملڪ جي رويي کي ڪهڙي فورم تي ڏٺو ويندو؟ 25 صفحن تي مشتمل فيصلو پڙهندي چيف جسٽس آصف سعيد کوسو چيو ته فيصلي ۾ جج ارشد ملڪ جي مس ڪنڊڪٽ جي حوالي سان به لکيو ويو آهي. اُن موقعي تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڪيس سان واڳيل سموريون ڌُريون توڙي ميڊيا سُپريم ڪورٽ جي ويب سائيٽ تي فيصلو ڏسي سگهن ٿا. جولاءِ مهيني ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ڌيءُ ۽ نواز ليگ اڳواڻ مريم نواز پريس ڪانفرنس ڪندي احتساب عدالت جي جج ارشد ملڪ جي وڊيو منظرعام تي آندي هئي، اُن وڊيو جي بنياد تي نواز ليگ اڳواڻن چيو هو ته جج ارشد ملڪ کي نواز شريف خلاف فيصلو ڏيڻ لاءِ بليڪ ميل ڪيو ويو هو. مريم نواز مطالبو ڪيو هو ته جج ارشد ملڪ اعتراف ڪيو آهي ته مٿس دٻاءُ هو، تنهن ڪري سندس والد نواز شريف جون سزائون ڪالعدم قرار ڏنيون وڃن. پريس ڪانفرنس کانپوءِ جج ارشد ملڪ پريس رليز جاري ڪئي ۽ حلف نامو به ڏنو. جنهن ۾ جج ارشد ملڪ مريم نواز جي وڊيو کي بي بنياد ۽ سياسي مفاد حاصل ڪرڻ جي ڪوشش قرار ڏنو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو