نواز شريف آزادي لاءِ درخواست ڏي ته ويڊيو هن لاءِ فائديمند هوندي،عدالت

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جج ارشد ملڪ جي وڊيو اسڪينڊل تي ٻڌڻي بعد فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو. عدالت جج ارشد ملڪ کي لاهور موڪلڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته سندس اعتراض جوڳي وڊيو حڪومت وٽ آهي، اها به کيس بليڪ ميل ڪري سگهي ٿي. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس آصف سعيد کوسه جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بئنچ جنهن ۾ جسٽس عظمت سعيد ۽ جسٽس شامل هئا، تنهن ٻڌڻي ڪئي. جنهن آڏو اٽارني جنرل ۽ ڊي جي ايف آءِ اي پيش ٿيا. ٻڌڻيءَ دوران چيف جسٽس پُڇيو ته ناصر جنجوعه دعويٰ ڪئي هئي ته ارشد ملڪ کي هن جج مقرر ڪرايو هو، ڇا اُهو مبينا شخص سامهون آيو، جنهن ارشد ملڪ جي مقرري ڪرائي هئي؟ جنهن تي اٽارني جنرل عدالت کي آگاهه ڪيو ته اُهو مبينا شخص منظرعام تي نه آيو آهي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته هڪ وڊيو ٻئي به هئي، جنهن ذريعي جج کي بليڪ ميل ڪيو ويو، ٻي وڊيو پريس ڪانفرنس ذريعي ڏيکاري وئي هئي. اٽارني جنرل عدالت کي آگاهه ڪيو ته شهباز شريف ۽ ليگي قيادت وڊيو کان لاتعلقي جو اظهار ڪيو آهي، مريم نواز به وڊيو کان لاتعلقي جو اظهار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، سندس چوڻ هو ته اعتراض جوڳي وڊيو نه ڏٺي آهي. چيف جسٽس چيو ته رپورٽ پٽاندڙ ملتان واري اعتراض جوڳي وڊيو ۾ طارق محمود به نظر اچي ٿو، جنهن تي اٽارني جنرل چيو ته جي بلڪل، اُهو نظر اچي رهيو آهي. ان وڊيو جي فارينزڪ ٽيسٽ ڪرائي وئي آهي، باقي ارشد ملڪ جي نئين وڊيو جي فارينزڪ نه ڪرائي وئي آهي. جسٽس عظمت سعيد ريمارڪس ڏيندي چيو ته جج ارشد ملڪ جي وڊيو سڄي ملڪ ۾ ماڻهن وٽ اچي وئي آهي، رڳو ايف آءِ اي وٽ نه آهي؟ وڊيو جي فارينزڪ ڇو نه ٿي سگهي آهي؟ سڄو ملڪ ۽ عدالت جنهن وڊيو جي حوالي سان سوال پڇي رهي آهي، ان جي فارينزڪ ناهي ٿي سگهي، اِن جو ڪهڙو ثبوت آهي ته پهرين وڊيو اصل آهي؟. ٻڌڻيءَ دوران ريمارڪس ڏيندي چيف جسٽس آصف سعيد کوسه چيو ته رپورٽ ۾ ابهام پيدا ٿيو آهي، غالبن 2 وڊيوز هيون، هڪ وڊيو اعتراض جوڳي هئي، جنهن ذريعي جج ارشد ملڪ کي بليڪ ميل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ٻي وڊيو پريس ڪانفرنس ۾ ڏيکاري وئي. ڏسڻو اهو آهي ته وڊيو جي ڪاپي جي فارينزڪ ٿي سگهي ٿي يا نه؟ ۽ اهو به ڏسڻو آهي ته يوٽيوب وڊيو جي فارينزڪ ٿي سگهي ٿي يا نه؟ اٽارني جنرل عدالت ۾ چيو ته ڪجهه ڄاڻ کُليل عدالت ۾ نٿي ڏئي سگهجي، هن ڪيس جا 2 اهم ڪردار ناصر بٽ ۽ سليم هن وقت ملڪ ۾ نه آهن. ٻڌڻيءَ دوران ريمارڪس ڏيندي چيف جسٽس چيو ته نواز شريف جي سزا ختم ۽ آزادي جي حوالي سان وڊيو فائديمند تڏهن ٿي سگهي ٿي، جڏهن ڪا درخواست داخل ڪئي وڃي، ڇا قانوني فائدو وٺڻ لاءِ ڪنهن عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي آهي؟ جنهن تي اٽارني جنرل چيو ته نه ڪنهن به درخواست داخل ناهي ڪرائي. عدالت ٻڌڻي بعد ڪيس تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو. عدالت اٽارني جنرل سان مخاطب ٿيندي حڪم ڏنو ته جج ارشد ملڪ کي لاهور واپس موڪليو ته جيئن واڳيل عدالت ڪيس تي فيصلو ڪري سگهي، توهان کيس اسلام آباد ۾ ويهاري ڇو تحفظ مهيا ڪري رهيا آهيو. جيڪو جج عام سائل کان بليڪ ميل ٿئي ٿو ته اُهو ڪنهن کان به بليڪ ميل ٿي سگهي ٿو. جج ارشد ملڪ جي اعتراض جوڳي وڊيو وفاقي سرڪار وٽ آهي، تنهن ڪري اُها به کيس بليڪ ميل ڪري سگهي ٿي. چيف جسٽس چيو ته ارشد ملڪ ملزم جي گهر ملڻ ويو، سندس پٽ سان سعودي عرب ۾ مليو، هن جي حرڪتن سبب ايماندار ججن جا ڪنڌ شرم کان جهڪي ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو