ننڍي ڀاءُ کي قتل ڪرڻ تي جوابدار کي موت جي سزا

ننڍي ڀاءُ کي قتل ڪرڻ تي جوابدار کي موت جي سزا

اوٻاوڙو( اسد گهنڃو) ماڊل ڪورٽ جي جج احمد نواز ڊومڪي زميني تڪرار تان ننڍي ڀاءُ شعبان چاچڙ کي قتل ڪندڙ جوابدار شبير چاچڙ کي موت جي سزا ڏيندي مٿس هڪ لک رپيا ڏنڊ وڌو آهي. ياد رهي ته اوٻاوڙو لڳ ڪمون شهيد ڀرسان ڳوٺ عثمان چاچڙ واسي جوابدار شبير چاچڙ 6 مهينا اڳ زميني تڪرار تان پنھنجي ننڍي ڀاءُ شعبان چاچڙ کي قتل ڪيو هو ۽ جوابدار مٿان پنهنجي امڙ مسمات پٺاڻي چاچڙ فريادي هئي جيڪو 6 مهينا ڪيس هلندڙ رهيو ۽ سومر تي جوابدار کي سزا ٻڌائڻ بعد هٿ ڪڙيون هڻي سکر سينٽرل جيل اماڻيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو