بزنجو کي ڪينسر، اميونوٿراپي بعد گهر منتقل،8 آگست تي عدالت طلب

بزنجو کي ڪينسر، اميونوٿراپي بعد گهر منتقل،8 آگست تي عدالت طلب

ڪراچي/ گجرانوالا(ڊيسڪ رپوروٽ) سينيٽ چيئرمين لاءِ گڏيل اپوزيشن جي اميدوار مير حاصل بزنجو جي طبيعت خراب ٿي وئي، هن جمع تي ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ معائنو ڪرايو جتي سندس اميونوٿراپي ڪئي وئي. سندس خانداني ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪينسر جهڙي موذي مرض ۾ مبتلا آهي. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته جڏهن جسم ۾ ڪينسر جا جيوڙا زور وٺندا آهن ته انهن تي ضابطو آڻڻ لاءِ جسم جي قوت مدافعتي جي سگهه وڌائڻ لاءِ ۽ انهن تي حاوي ٿيڻ لاءِ اميونو ٿراپي ڪئي ويندي آهي. هوڏانهن نامياري وڪيل منظورقادر ڀنڊر جي درخواست تي سينيٽ ۾ اپوزيشن جا 14 ووٽ عدم اعتماد جي تحريڪ جي خلاف پوڻ تي ان جو الزام آءِ ايس آءِ جي سربراهه تي هڻن بابت حاصل بزنجو تي ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ گجرانوالا ۾ ڏنل درخواست تي ايڊيشنل سيشن جج طارق سليم 8 آگسٽ تي بزنجو کي پيس ٿيڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪيو آهي. عدالت درخواست ٻڌڻ جوڳي قرار ڏيندي گجرانوال جي سٽي پوليس چيف کان رپورٽ طلب ڪندي سينيٽ جي سيڪريٽري معرفت حاصل بزنجو کي پيش ٿين لاءِ نوٽيس جاري ڪيو آهي. درخواست گزار چيو آهي ته حاصل بزنجو فوج جي هڪ اهم عهديدار تي بيبنياد الزام مڙهي سندس ڪردار ڪشي ڪئي آهي، جنهن تي سندس خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي. ياد رهي ته ڪالهه جڏهن سنيٽ ۾ صادق سنجراڻي خلاف اپازيشن جي عدم اعتماد واري تحريڪ پيش ٿي اپوزيشن جي 64 سينيٽرن اٿي بيهي ان جي حمايت ڪئي هئي، ڪجهه دير بعد جڏهن ڳجهي ووٽنگ ٿي ته اپوزيشن جي 14 سينيٽرن بغاوت ڪئي تحريڪ جي حق ۾ رڳو 50 ووٽ پيا ۽ تحريڪ جي ڪاميابي لاءِ 53 ووٽ گهربل هئا. جنهن بعد رپورٽر حاصل بزنجو کان پڇو ته ڪهڙن سينيٽرن ڪنهن جي چوڻ تي ووٽ نه ڏنو ته هن چيو ته اهي فيض جا ماڻهو هئا، خبر ٿي نه فيض ڪير آهي آءِ ايس آءِ جو سربارهه جنرل فيض حميد. جنهن تي جمع جي صبح جو فوجي ترجمان نوٽيس وٺندي بيان جاري ڪيو ته بزنجو جو الزام بي بنياد آهي ۽ معمولي فائدي لاءِ جمهوري نظام کي بدانم ڪرڻ جمهوريت جي خدمت ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو