ڪراچي ٽرانسپورٽ منصوبي لاءِ ساڍا 23 ڪروڙ ڊالر قرض منظور

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ايشيائي ترقياتي بينڪ ڪراچي جي ريپد بس سروس لاءِ ساڍا 23 ڪروڙ ڊالر جي قرض جي منظوري ڇئي ڇڏي. ”بس ريپڊ ٽرانزيشن پروجيڪٽ“ مطابق 26.6 ڪلوميٽرن تي مشتمل ريڊ لائن ماحول دوست بسون هلنديون. جيڪي ڊيزل بدران سي اين جي تي هلنديون، سڀني ماڻهن خاص ڪري عورتن لاءِ محفوظ ۽ آسان سفري سهولت هوندي، روٽ جي هڪ ڪلوميٽر جي آس پاس رهندڙ 15 لک ماڻهو فائدو حاصل ڪندا ۽ روزانو 3 لک ماڻهو سفر ڪري سگهندا. هن منصوبي لاءِ ايشين انفرا اسٽرڪچرانويسٽمينت بئنڪ ڏهه ڏهه ڪروڙ جا ٻه قرض سول ورڪ ۽ سهولتن لاءِ ڏيندي جڏهن ته گرين ڪلائيمينٽ فنڊ 3 ڪروڙ 72 لک ڊالر سي اين جي بسن لاءِ فراهم ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو