ڪراچي(م ڊ) ڀارت جنگي جنون ۾ مبتلا، ڀارتي ايئر فورس جي جهازن پاڪستاني حدن ۾ گهڙڻ جي ڪوشش ناڪام، ڀارتي جنگي جهاز صبح سويري پاڪستان جي حدن جي ڀڃڪڙي ڪئي ۽ پاڪستاني جهازن جي اچڻ بعد ڀارتي جهاز پنهنجو پي لوڊ ڪيرائي واپس هليا ويا، پاڪستان ڀارت کي جواب ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس دوران فيصلو ڪيو ويو ته پاڪستان پنهنجي مرضي جي وقت ۽ جڳهه تي ڀارت کي جواب ڏيندو. آءِ ايس پي آر جي سربراهه ميجر جنرل آصف غفور ٽوئيٽر ذريعي بيان جاري ڪندي ڀارتي جهازن جي ايل او سي جي ڀڃڪڙي جي تصديق ڪئي ۽ چيو ته ڀارتي ايئر فورس جا جهاز آزاد ڪشمير جي مظفر آباد سيڪٽر ۾ 3 کان 4 ميل اندر گهڙي آيا، پاڪ فوج جي جوابي ڪارروائي بعد ڀارتي جهاز واپس موٽي ويا، آصف غفور چيو ته پاڪستان جي جوابي ڪارروائي جي نتيجي ۾ ڀارتي جهازن پنهنجو بارودي هٿيار بالاڪوٽ ويجهو ڪيرائي ڇڏيو، ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب پي لوڊ ڪرڻ جي نتيجي ۾ ڪو به جاني نقصان ناهي ٿيو، ڇاڪاڻ ته اهو بارودي هٿيار کليل ميدان ۾ ڪريو. ايل او سي تي ڀارتي اڳرائي بعد وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، بچاءُ واري وزير پرويز خٽڪ ۽ ٻين سول ۽ عسڪري اختيارين شرڪت ڪئي. اجلاس دوران ڀارتي اڳرائي جي حوالي سان غور ويچار بعد ڀارت کي جواب ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو، اجلاس دوران فيصلو ڪيو ويو ته پاڪستان به پنهنجي مرضي جي وقت ۽ جڳهه تي ڀارت کي جواب ڏيندو، ان کان اڳ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي اجلاس دوران ڀارتي اڳرائي جي حوالي سان بريفنگ ڏني ۽ عسڪري اختيارين پنهنجي تيارين جي حوالي سان قومي سلامتي ڪميٽي کي آگاهه ڪيو. اجلاس جي پڌرائي ۾ چيو ويو ته ڀارت خلاف جوابي ڪارروائي لاءِ پاڪستان پاڻ وقت ۽ جڳهه چونڊيندو. قومي سلامتي جي اجلاس دوران ڀارتي اڳرائي وارو معاملو عالمي سطح تي اٿارڻ ۽ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس به طلب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس بعد پريس ڪانفرنس ڪندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته ايل او سي جي ڀڃڪڙي دوران پاڪستاني جهازن فوري طور مداخلت ڪئي، جنهن سبب ڀارتي جهاز بارودي هٿيار ڪيرائي ڀڄي ويا، شاهه محمود قريشي چيو ته ڀارت کي ضرور ان جو جواب ڏنو ويندو، سڪيورٽي فورسز رٿابندي ڪري رهيون آهن، پرڏيهي وزير چيو ته هن وقت نازڪ صورتحال آهي، ڪا به غيرذميوراڻي ڳالهه نه ٿو ڪرڻ چاهيان. ڏيهي توڙي پرڏيهي ميڊيا کي واقعي واري هنڌ جو دورو ڪرايو ويندو، معاملو عالمي سطح تي به اٿاريو ويندو.
اسحاق ڊار نائب وزيراعظم مقرر، نوٽيفڪيشن جاري
اسلامي بينڪ جي صدر سان ترقياتي منصوبن بابت وزيراعظم جي ملاقات
ماني ڳڀي لاءِ ماڻهن کي خودڪشيون ڪرڻ نه ڏيندس: ڪامران ٽيسوري
پي ٽي آءِ جو عمران خان جي آزادي لاءِ ڪراچي کان سکر تائين ٽرين مارچ
عراق ۾ هم جنس پرستي، جسم فروشي، جنس جي تبديلي سزا ڏوهه قرار
جسٽس بابر ستار وٽ ڪنهن ٻئي ملڪ جي شهريت ناهي
سوشل ميڊيا بابت قانونسازي تي ڪم ڪريون پيا، تارڙ
ڪوئٽه ۾ تيز برساتن سبب تباهي، 21 ڄڻا فوت، 25 کان وڌيڪ زخمي
مردان جي شاپنگ مال ۾ جهيڙو، ريلوي پوليس جا 2 اهلڪار مارجي ويا
حڪومت جو کنڊ برآمد نه ڪرڻ جو فيصلو
پي ٽي آءِ ڳالهيون نه ڊيل لاءِ چئي رهي آهي: شرجيل ميمڻ
مغوي سيشن جج بازياب نه ٿي سگهيو، ڳولا لاءِ ڪميٽي قائم
باجوڙ ۾ برسات، ڪمري جي ڇت ڪري پئي، 2 عورتون فوت
اڄ ملڪ جي مٿانهين علائقن ۾ برسات ۽ گجگوڙ جو امڪان
ڪراچي ۾ ڦر دوران مزاحمت تي فائرنگ ۾ سڪيورٽي قتل
آمريڪي پرڏيهي وزير سڀاڻي سعودي عرب جو دورو ڪندو
پلان موجب بالنگ ۽ بيٽنگ ڪري راند کيڏي، بابراعظم
هالي ووڊ پروجيڪٽ کي خاص سبب قبول نه ڪيو
‘فل فراءِ’ ٿيل قانون ۽ انصاف جو سرشتو
اڄوڪي-اخبار-2024-04-28