واپارين پاران بصر ايڪسپورٽ بحالي جو اعلان

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان فروٽ اينڊ ويجيٽيل ايسوسيئيشن سنڌ جو فصل مارڪيٽ ۾ اچڻ ۽ قيمتن ۾ 50 سيڪڙو تائين گهٽتائي ڪرڻ بعد بصرن جي ايڪسپورٽ بحال ڪرڻ جو اعلان ڪيو. پاڪستان فروٽ اينڊ ويجيٽيل ايسوسيئيشن مقامي سطح تي بصرن جي قيمتن ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ ڪچا پڪا بصر ڪڍي ايڪسپورٽ ڪرڻ واري رجحان جي حوصلا شڪني ڪرڻ لاءِ 3 نومبر تي بصرن جي ايڪسپورٽ پاڻمرادو بند ڪري ڇڏي هئي.پي ايف وي اي جي سرپرست اعليٰ وحيد احمد موجب پي ايف وي اي جي بصر ايڪسپورٽ پاڻمرادو بند ڪرڻ واري فيصلي گهربل نتيجا حاصل ڪري ورتا آهن، سنڌ ۾ ڀرپور فصل مارڪيٽ ۾ اچي ويو آهي جنهن سان بصر جي قيمت جيڪا ايڪسپورٽ بند ٿيڻ کان اڳ 2800 روپيا في مڻ تائين هئي اها هاڻ 1200 کان 1300 روپيا مڻ جي سطح تائين اچي وئي آهي.پي ايف وي اي بصرن جي مارڪيٽ ۾ قيمتن جو جائزو وٺڻ لاءِ 20 نومر تي اجلاس گهرايو جنهن ۾ صورتحال تي غور ڪندي 27 نومبر کان بصر جي ايڪسپورٽ بحال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ايسوسيئيشن پلانٽ پروٽيڪشن ڊپارٽمينٽ کي به آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.  

پهنجو تبصرو موڪليو