ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪارا سيلينا جيٽلي مڙس کان عليحدگي ۽ طلاق واري معاملي دوران شادي، ٺاهه ۽ عورتن جي مالي خودمختياري بابت اهم سوال اٿاريا آهن. فوٽو ۽ وڊيو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي پنهنجي تصويرن سان گڏ جاري ڪيل پيغام ۾ سيلينا سوال ڪيو ته شاديءَ جي نالي تي آخر هڪ عورت کان ڪيتريون قربانيون ۽ ٺاهه ڪرڻ جي اميد رکي سگهجي ٿي؟هن چيو ته ڏکڻ ايشيا سميت ٻين معاشرن ۾ شاديءَ کي تحفظ سمجهيو ويندو آهي، پر عورت جو حقيقي تحفظ تعليم، مهارت، پنهنجي گهر، مالي خودمختياري ۽ خراب حالتن مان نڪرڻ جي آزاديءَ ۾ آهي. اداڪارا ٻڌايو ته گذريل سال جڏهن کيس بي سهارو ڪري پئسن ۽ ملڪيت کان محروم ڪيو ويو ته کيس پنهنجي ۽ ٻارن جي مستقبل جي ڳڻتي وڪوڙي وئي. سندس چوڻ هو ته اهو ئي سبب هو، جنهن ڪري هوءَ ڪيترن ئي سالن تائين تشدد واري ازدواجي زندگيءَ ۾ رهڻ تي مجبور رهي. سيلينا سوال ڪيو ته جيڪڏهن عورتن وٽ پنهنجو گهر، گاڏي، بئنڪ ۾ رقم ۽ مالي خودمختياري هجي ته ڪيتريون عورتون خراب ۽ تشدد وارن رشتن ۾ رهڻ تي مجبور ٿينديون؟هن چيو ته ڪيتريون ئي عورتون رڳو ان ڪري ناڪاري ۽ زهريلا رشتا ختم نٿيون ڪري سگهن، ڇاڪاڻ ته وٽن ٻارن سميت محفوظ زندگي ٻيهر شروع ڪرڻ لاءِ ضروري وسيلا ناهن هوندا. اداڪارا موجب هر عورت کي پنهنجي تعليم، هنر، روزگار ۽ ذاتي بچت ذريعي خودمختيار ٿيڻ جو حق حاصل هجڻ گهرجي. ڪنهن به عورت کي اهو فيصلو ڪرڻ کان اڳ ته هوءَ ڪنهن رشتي ۾ وڌيڪ نٿي رهي سگهي، ٻارن جي رهائش، تحفظ ۽ کاڌي پيتي جهڙين بنيادي ضرورتن جي ڳڻتي نه هئڻ گهرجي. واضح رهي ته سيلينا جيٽلي جي شادي 2010ع ۾ ٿي هئي، جڏهن ته 2012ع ۽ 2017ع ۾ سندس گهر ۾ جاڙن ٻارن جي پيدائش ٿي. سيلينا جيٽلي ۽ سندس مڙس پيٽر هاگ وچ ۾ طلاق جو معاملو هلندڙ آهي. پيٽر گذريل سال آسٽريا جي عدالت ۾ طلاق جي درخواست داخل ڪئي هئي.










