اداڪاري ڇڏڻ جو فيصلو 5 سال اڳ ئي ڪري ڇڏيو هو: ڪومل عزيز

اداڪاري ڇڏڻ جو فيصلو 5 سال اڳ ئي ڪري ڇڏيو هو: ڪومل عزيز

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستاني اڳوڻي اداڪارا ڪومل عزيز خان شوبز انڊسٽريءَ مان مستقل طور پاسيرو ٿيڻ جو باضابطا اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ڪومل عزيز خان فوٽو ۽ وڊيو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي هڪ تفصيلي پوسٽ شيئر ڪندي چيو آهي ته هن اداڪاري ڇڏڻ جو فيصلو لڳ ڀڳ 5 سال اڳ ئي ڪري ڇڏيو هو، پر ان جو باضابطا اعلان ڪرڻ ۾ دير ڪئي.اڳوڻي اداڪارا موجب شوبز کان پاسيرو ٿيڻ جو اعلان دير سان ڪرڻ جو مقصد غير ضروري ميڊيا جي ڌيان کان بچڻ هو. ان سان گڏ هوءَ اهو به ڏسڻ چاهي ٿي ته شوبز کان ٻاهر پنهنجي الڳ سڃاڻپ قائم ڪرڻ ۽ ڪامياب ڪاروبار شروع ڪرڻ ۾ ڪيتري ڪامياب ٿئي ٿي. هن وڌيڪ لکيو ته گذريل 5 سالن دوران هن شهرت ۽ ميڊيا جي ڌيان کان پري رهي پنهنجي ذات تي ڌيان ڏنو ۽ زندگيءَ لاءِ هڪ نئين واٽ چونڊي. ڪومل عزيز جو چوڻ هو ته هاڻي هوءَ پنهنجي ڪاروبار کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ ۽ مالي طور پاڻڀرو رهڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي. هن پنهنجي مداحن جا ٿورا مڃيندي لکيو ته هوءَ اسڪرين تان ڊگهي عرصي تائين غائب رهڻ جو سبب مداحن کي ٻڌائڻ چاهي ٿي، جيئن سندن ذهنن ۾ ڪو سوال باقي نه رهي. اڳوڻي اداڪارا وڌيڪ چيو ته شوبز کان پري ٿيڻ باوجود هوءَ مداحن جي محبت ۽ سهڪار کي هميشه ياد رکندي. واضح رهي ته ڪومل عزيز خان آخري ڀيرو 2021ع ۾ نشر ٿيل ڊراما سيريل ’مهلت‘ ۾ نظر آئي هئي. ان کانپوءِ هن اداڪاريءَ کان پاسو ڪري پنهنجو ڌيان ڪاروباري سرگرمين ڏانهن ڪري ڇڏيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو