ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)اداڪارا ۽ اڳوڻي ڪرڪيٽر سليم يوسف جي ڌيءَ ايمن سليم سياسي سفر جي شروعات ڪندي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿي وئي آهي.اداڪارا جي پ پ ۾ شموليت جي وڊيو پڻ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ هوءَ هڪ تقريب دوران پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪندي نظر اچي ٿي.ان موقعي تي ايمن سليم چيو ته هوءَ ننڍپڻ کان ئي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي وڏي مداح رهي آهي.سندس چوڻ هو ته سندس خيال ۾ هر اها ڇوڪري، جنهن محترمه بينظير ڀٽو جي زندگيءَ کي ڏٺو آهي، ساڻن متاثر ضرور ٿي آهي.ايمن سليم چيو ته سندس لاءِ اها خوشي ۽ فخر جي ڳالهه آهي ته هوءَ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو حصو بڻجڻ وڃي رهي آهي.هن وڌيڪ چيو ته ذاتي طور سندس لاءِ اهو رڳو سياسي فيصلو ناهي، پر اهو واعدو آهي، جيڪو هوءَ پنهنجي ملڪ ۽ ملڪ جي عوام سان ڪرڻ چاهي ٿي.اداڪارا جو چوڻ هو ته هن پليٽ فارم ذريعي هوءَ نيڪ نيتيءَ ۽ دل سان پنهنجي ملڪ لاءِ ڪم ڪندي.










