سريلنڪا تاريخ جو ٻيو وڏو هدف حاصل ڪري ورتو، انگلينڊ کي شڪست

سريلنڪا تاريخ جو ٻيو وڏو هدف حاصل ڪري ورتو، انگلينڊ کي شڪست

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) سريلنڪا 430 رنسن جو جبل جيڏو هدف 8 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ٽه ملڪي سيريز ۾ انگلينڊ کي شڪست ڏئي ڇڏي، پوون رتناياڪي 130 ۽ هيري بروڪ 202 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي. راولپنڊي جي پنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ٽه ملڪي سيريز جي ٽئين ميچ ۾ انگلينڊ پهريان بيٽنگ ڪندي 4 وڪيٽن جي نقصان تي 429 رنسون ٺاهيون. جواب ۾ سريلنڪا 430 رنسن جو هدف 8 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ون ڊي ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ ٻيو وڏو ڪامياب هدف حاصل ڪرڻ جو ڪارنامو انجام ڏنو.سريلنڪا ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو، پر انگلينڊ جي ڪپتان هيري بروڪ جارحاڻي بيٽنگ ڪندي 116 بالن تي 202 رنسون ٺاهي ورتيون. سندس اننگز ۾ 21 چوڪا ۽ 10 ڇڪا شامل هئا. جو روٽ 69، ول جيڪس ناٽ آئوٽ 66، ٽام بيٽن 50 ۽ بين ڊڪٽ 29 رنسون ٺاهيون. سريلنڪا طرفان دنتھ ويلالاگي 2 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته لياناگي ۽ ايسٿا فرنينڊو هڪ هڪ رانديگر کي آئوٽ ڪيو. 430 رنسن جي وڏي هدف پٺيان سريلنڪا جي شروعات سٺي نه رهي ۽ 23 رنسن تي ڪميندو مينڊس ۽ ڪپتان ڪوشل مينڊس پويلين موٽي ويا. ان موقعي تي اوشڪا فرنينڊو ۽ پوون رتناياڪي وچ ۾ 166 رنسن جي اهم ڀائيواري قائم ٿي، جنهن سريلنڪا جي ڪاميابيءَ جو بنياد رکيو. اوشڪا فرنينڊو 97 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو. پوون رتناياڪي شاندار بيٽنگ جاري رکندي 130 رنسن جي اننگز کيڏي، جڏهن ته داسن شناڪا 97 رنسون ٺاهي ٽيم کي ڪاميابيءَ جي ويجهو پهچايو. ٻنهي جي آئوٽ ٿيڻ باوجود سريلنڪا جي بيٽنگ جو سلسلو نه رڪيو. جنٿ لياناگي آخري مرحلي ۾ جارحاڻي بيٽنگ ڪندي رڳو 27 بالن تي 61 رنسون ٺاهي سريلنڪا کي تاريخي فتح ڏياري ڇڏي. انگلينڊ طرفان جوش ٽنگ 3، سام ڪرن 2، جڏهن ته جيمي اوورٽن ۽ ليام ڊاسن هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. واضح رهي ته ٽه ملڪي سيريز جي پنهنجي پهرين ميچ ۾ پاڪستان سريلنڪا کي 37 رنسن ۽ انگلينڊ کي 87 رنسن تان شڪست ڏني هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو