نديم علي خواجه
صوبي خيبر پختون خواه ۾ گورنر راڄ لاڳو ٿيئن کانپوء ملڪ ۾ ھڪ نئون سياسي بحث شروع ٿي چڪو آھي، پاڪستان تحريڪ انصاف، مجلس وحدت المسلمين، جماعت اسلامي، جماعت علماء پاڪستان مولانا فضل الرحمان گروپ سميت ڪجھ سياسي پارٽيون انھي گورنر راڄ جي مخالفت ڪندي انھي کي غير آئيني ۽ غير قانوني ڪوٺي رھيون آھن، جڏھن ته پاڪستان مسلم ليگ نواز، پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ متحده قومي سميت ملڪ جون اڪثر سياسي پارٽيون انھي فيصلي جي حمايت ڪري رھيون آھن، ڇوته صوبي ۾ گورنر راڄ ۽ ايمرجنسي جو فيصلو ھڪ سياسي پارٽي جو نه ھو، پر حڪومت ۾ شامل اتحادي پارٽين جو اھو گڏيل فيصلو ھو، جنھن جي منظوري پڻ ٻنھي ايوانن مان ورتي ويئي آھي، وزير اعظم پاڪستان ميان محمد شھباز شريف جو ھڪ پريس ڪانفرنس ۾ اھو ئي موقف ھو ته صوبي خيبر پختون خواه ۾ ايمرجنسي مجبوري جي حالت ۾ لاڳو ڪئي ويئي آھي، ھن جو چوڻ ھو ته ڪيترائي ڀيرا پاڪستان تحريڪ انصاف کي ڳالھين جي آڇ ڪئي ويئي، پر ھنن ڪابه بھتر موٽ نه ڏني، جڏھن ته صوبي جو وزير اعلا سھيل آفريدي پڻ ڳالھين ۾ مخلص نه ھو، ۽ صوبي ۾ ٿيندڙ دھشتگردي کي روڪڻ بدران دھشتگردن جي حمايت ڪري رھيو ھو، تنھڪري ئي مجبوري ۾ اھو قدم کڻڻو پيو، جڏھن ته پيپلز پارٽي جي. چيئرمين محترم بلاول ڀٽو زرداري ھڪ تقريب ۾ خطاب دوران چيو ته وفاقي حڪومت پھرين کان ئي ذھين ٺاھي ڇڏيو ھو ته صوبي خيبر پختون خواه ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وڃي، ھن چيو ته اھو آئيني ايٽم بم آھي، جنھن کي استعمال ڪرڻ کان پھرين ڳالھيون ڪرڻ ضروري ھيون، وفاقي حڪومت سياسي حل ڳولھڻ جي تمام گھڻي ڪوشش ڪئي، پر پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ ۽ صوبي جي وزير اعلا سھيل آفريدي جو ضد ڳالھين ۾ رڪاوٽ بڻجي ويو، آخرڪار وفاقي حڪومت صوبي ۾ آئيني ايٽم بم جو استعمال ڪري ڇڏيو، جڏھن ته وفاقي وزير داخلا محسن نقوي پڻ سينٽ ۾ پنھنجي تقرير ۾ چيو ته پي ٽي آئي ڳالھين ۾ مخلص نه ھئي، تنھنڪري ھر ڀيري ھو نوان مطالبا رکي ڳالھين کان ٻڄڻ جي ڪوشش ڪري رھي ھئي، پي ٽي آئي جا جيڪي مطالبا ھئا، تن مان اڪثر مطالبن کي وفاقي حڪومت پڻ تسليم ڪيو ھو، ھن اھو به انڪشاف ڪيو ته جڏھن به ڳالھيون ٿينديون ھيون، صوبي خيبر پختون خواه جو وزير اعلا سھيل آفريدي افغانستان ۾ ويٺل ھڪ شخص سان رابطو ڪري نوان مطالبا رکي ڇڏيندو ھو، تنھنڪري ئي صوبي ۾ اھو قدم کنيو ويو، وزير دفاع خواجه آصف پڻ پنھنجي تقرير ۾ اھو ئي واضع ڪيو ته صوبي ۾ ايمرجنسي پي ٽي آئي جي ضد ۽ انا سبب لاڳو ڪئي ويئي آھي، جيڪڏھن تحريڪ انصاف صوبي اندر ٿيندڙ دھشتگردي جي مذمت ڪري ھا، ۽ وفاق سان تعاون ڪندي دھشتگردن جي خلاف ڪاروايون ڪري ھا ته يقينن اھڙي نوبت نه اچي ھا، ٻئي طرف پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻن ۽ قومي اسيمبلي مخالف پارٽي جي اڳواڻ محمود خان اچڪزئي ۽ سينٽ ۾ مخالف پارٽي جي اڳواڻ علامه ناصر عباس حڪومت جي انھن الزامن کي رد ڪندي الزام ھنيو ته حڪومت ڳالھين جي لاء مخلص نه ھئي، حڪومت کي صرف خيبر پختون خواه حڪومت کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻو ھو، تنھنڪري دھشتگردي جو بھانو ڪري رھي ھئي، جڏھن ته دھشتگردي پوري ملڪ ۾ آھي، بھتر اھو ھو ته ملڪ ۾ ئي ايمرجنسي لاڳو ڪئي وڃي ھا، محمود خان اچڪزئي قومي اسيمبلي ۾ پنھنجي تقرير ۾ چيو ته ماضي ۾ پڻ اھڙا واقعا ٿيا آھن، انھن مان اسان کي سبق سکڻ گھرجي، ياد رھي ته گورنر راڄ ۽ ايمرجنسي ملڪ ۾ پھريون ڀيرو لاڳو نه ٿي آھي، آئين انھي ڳالھ جي اجازت پڻ ڏي ٿو ته حالتن کي نظر ۾ رکندي اھڙا فيصلا ڪري سگھجن ٿا، جڏھن وفاق ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت ھئي، ۽ سنڌ صوبي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت ھئي، تنھن وقت پڻ وفاق ۽ صوبي سنڌ ۾ ڇڪتاڻ وارو ماحول ھو، عمران خان جي اھا ئي ڪوشش ھئي ته سنڌ ۾ گورنر راڄ نافذ ڪيو وڃي، ۽ سنڌ ۾ پڻ سندس حڪم ھلي، ماضي تي جيڪڏھن نظر وجھنداسين ته پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ نواز پنھنجي حڪومتن کي طاقت ڏيئڻ لاء صوبن ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪيا ھئا، پر اڳتي ھلي سندن ئي حڪومتن کي نقصان پھتو، پاڪستان تحريڪ انصاف ھن وقت وفاق جي فيصلي کي ڪورٽ ۾ چيلينج ڪري ڇڏيو آھي، ھاڻي بال ڪورٽ جي کيسي ۾ آھي، ڪورٽ جيڪو به فيصلو ڪندي، اھو پاڪستان تحريڪ انصاف سميت ھر سياسي پارٽي جي قبول ڪرڻو پوندو، پر وقت اڃان به آھي، حڪومت ۽ تحريڪ انصاف ۾ ڳالھين جا دروازا بند ٿيئڻ گھرجن، ھڪ ڀيرو ٻيھر ڳالھين جو سلسلو شروع ڪيو وڃي، ڇوته گورنر راڄ يا ايمرجنسي مسئلي جو حل نه آھي، مسئلي جو حل صرف جمھوريت آھي، جنھن کي بحال ڪرڻ ضروري آھي.










