ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڀڄن گلوڪار انوپ جلوٽا، اداڪار ٽائيگر شروف جي گاڏيءَ تي فائرنگ واري واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي سلمان خان تي زور ڀريو آهي ته جاري ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ لاءِ هو بشنوئي برادري کان معافي وٺي. ڀارتي خابرو اداري آءِ اي اين ايس کي خصوصي انٽرويو ڏيندي انوپ جلوٽا چيو ته 1998ع ۾ ڪاري هرڻ جي شڪار واري ڪيس سبب بشنوئي برادريءَ ۾ پيدا ٿيل ناراضگي ختم ڪرڻ ضروري آهي. سندس چوڻ هو ته سلمان خان جي معافي سان مستقبل ۾ اهڙن واقعن کي روڪڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي.انوپ جلوٽا چيو ته هو اڳ به سلمان خان کي معافي وٺڻ جي اپيل ڪري چڪو آهي. هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن معاملو حل نه ٿيو ته سلمان خان سان گڏ ڪم ڪندڙ ماڻهو ۽ سندن خاندان به متاثر ٿي سگهن ٿا. هن سلمان خان تي زور ڏنو ته هو بشنوئي برادري کان معافي وٺڻ بابت واضح فيصلو ڪري، جيئن ڇڪتاڻ ختم ٿي سگهي. انوپ جلوٽا جو اهو بيان ممبئيءَ جي جوهو علائقي ۾ آچر جي شام ٽائيگر شروف جي گاڏيءَ تي فائرنگ واري واقعي کانپوءِ سامهون آيو آهي. اطلاعن موجب، فٽبال ميچ کيڏي واپس ويندڙ اداڪار جي گاڏيءَ تي موٽرسائيڪل سوار اڻڄاتل ماڻهن فائرنگ ڪئي هئي. واقعي ۾ ٽائيگر شروف محفوظ رهيو، جڏهن ته سندس ڊرائيور ۽ هڪ واٽهڙو گولين لڳڻ سبب زخمي ٿي پيا. ٻنهي زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي سندن حالت خطري کان ٻاهر ٻڌائي وئي. واقعي کانپوءِ سوشل ميڊيا تي هڪ پوسٽ ۽ آڊيو پيغام پڻ سامهون آيا، جن ۾ لارنس بشنوئي گينگ سان واسطو هئڻ جي دعويٰ ڪندڙ ماڻهن فائرنگ جي ذميواري قبول ڪئي. پيغامن ۾ سلمان خان کان بشنوئي برادريءَ کان معافي وٺڻ جو مطالبو ڪرڻ سان گڏ اداڪار سان لاڳاپيل ماڻهن کي ڌمڪيون پڻ ڏنيون ويون. سلمان خان ۽ لارنس بشنوئي وچ ۾ ڇڪتاڻ جو بنيادي سبب 1998ع ۾ راجسٿان ۾ ڪاري هرڻ جي شڪار وارو واقعو ٻڌايو وڃي ٿو. بشنوئي برادري ڪاري هرڻ کي مقدس سمجهي ٿي، جنهن سبب اهو معاملو ڊگهي عرصي کان تڪرار جو سبب بڻيل آهي.سلمان خان کي گذريل ڪيترن ئي سالن کان ڌمڪيون ملنديون رهيون آهن. اپريل 2024ع ۾ ممبئيءَ جي باندره علائقي ۾ سندس رهائشگاهه ٻاهران فائرنگ ڪئي وئي هئي، جنهن کانپوءِ سندس سيڪيورٽي بابت خدشا وڌيڪ وڌي ويا هئا.










