منهاس جي شاندار آل رائونڊر راند، انگلينڊ کي 87 رنز تان شڪست

منهاس جي شاندار آل رائونڊر راند، انگلينڊ کي 87 رنز تان شڪست

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) ٽه ملڪي ون ڊي ٽورنامينٽ ۾ سريلنڪا کانپوءِ انگلينڊ کي به پاڪستان 87 رنز تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي. نوجوان آل رائونڊر عرفات منهاس جي شاندار بيٽنگ ۽ بالنگ سبب پاڪستان آساني سان انگينڊ کي اهم شڪست ني. هن پنهنجي ڪيريئر جي اڄ بهترين بيٽگ ڪندي ستين نمبر تي اچڻ جي باوجود به 59 رنسون اسڪور ڪيون ءٌ وڪيٽون ورتيون ۽ پنهنجي جي اوور ۾ بهترين ٿرو تي رن آئوٽ ڪري انگلينڊ کي 38.3 اوورن ۾ 214 رنز تي آئوٽ ڪري ڇڏيو. انگلينڊ طرفان ٽام بينٽن ۽ بين ڊڪٽ ترتيبواري 57 ۽ 45 رنسون ٺاهيون، جو روٽ 33، سيم ڪرن 27جورڊن ڪاڪس 18 ۽ ول جيڪس 19 رنسون ٺاهيون، ٻيو ڪو به وليئر ڊبل فگر ۾ داخل نه ٿي سگهيو. ان کان اڳ انگلينڊ ٽاس کٽي پاڪستان کي بيٽنگ جي دعوت ڏني. پاڪستاني ٽاپ آرڊر بيٽر هڪ ڀيرو ٻيهر ناڪام رهيا. پهرين ئي اوور جي ٻئي بال تي گس ايڪٽنسن فّر کي بنا رن ٺاهڻ جي جو روٽ هٿان ڪيچ ڪرايو. ڇهين اوور ۾ صائم ايوب به 8 رنز ٺاهي سوني بيڪر جي بال تي سيم ڪرن هٿان ڪيچ ٿيو. بابر اعظم 52 بالن تي 4 چوڪن جي مدد سان 34 رنز ٺاهي ول جيڪس جي بال تي بولڊ ٿيو، پوئين ميچ ۾ سينچري اسڪور ڪندڙ سلمان آغا به 19 بالن تي 16 رنز ٺاهي عادل رشيد جي بال تي گس ايٽڪنسن هٿان ڪيچ ٿيو. 81 جي مجموعي اسڪور تي 4 ٽاپ بيٽر آئٽ ٿي ويا، جنهن بعد سعد بيگ ۽ حسن نواز راند اڳتي وڌائي پر 28 هين اوور ۾ سعد بيگ 54 بالن تي 5 چوڪن جي مدد سان 35 رنز ٺاهي گس ايٽڪنسن جي بال تي سيم ڪرن هٿان ڪيچ ٿيو. جنهن بعد حسن نواز ۽ نوجوان آل رائونڊر عرفات منهاس جي سٺي پارٽنر شپ لڳي ۽ اسڪور 211 تي پهتو ته حسن نواز 74 بالن تي 4 ڇڪا ۽ 5 ڇڪا هڻي 789 رنز ٺاهي جيمي اوورٽن جي بال تي بولڊ ٿي ويو. جنهن بعد عرفات منهاس زبردست راند کيڏندي پنهنجي ڪيريئر جي پهرين ففٽي مڪمل ڪئي ۽ 9 چوڪن جي مدد سان 58 بالن تي 59 رنز ٺاهي سوني بيڪر جي بال تي هيري بروڪ هٿان ڪيچ ٿيو، ان کان اڳ ساڳئي بالر کي هن لڳاتار 3 چوڪا هنيا. جنهن بعد فهيم اشرف هڪ ڇڪي ۽ 5 چوڪن جي مدد سان 26 بالن تي 39 رنز ٺاهي سيم ڪرن جي بال تي ول جيڪس هٿان ڪيچ ٿيو. ڻسيم شاهه هڪ رن ٺاهي سوني بيڪر جي بال تي اوورٽن هٿان ڪيچ ٿيو. شاهين آفريدي 10 ۽ حارث رئوف 5 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيا، پاڪستان 9 وڪيٽن جي نقصان تي 302 رنز ٺاهي سگهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو