راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ٽه ملڪي ون ڊي سيريز جي پهرين ميچ ۾ پاڪستان سريلنڪا کي 37 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي. پاڪستان پهرين بيٽنگ ڪندي 305 رنسون ٺاهيون، جواب ۾ سريلنڪا جي ٽيم 268 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي.راولپنڊي جي پنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيل سيريز جي پهرين ون ڊي ميچ ۾ سريلنڪا ٽاس کٽي پاڪستان کي پهرين بيٽنگ جي دعوت ڏني.پاڪستان جي اننگز جي شروعات سٺي نه رهي ۽ اوپنر فخر زمان 16 جڏهن ته صائم ايوب 7 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويا. پاڪستان جون پهريون ٻه وڪيٽون ترتيبوار 23 ۽ 32 رنسن تي ڪريون.ان کانپوءِ بابر اعظم ۽ سعد بيگ ذميواراڻي بيٽنگ ڪندي ٽيم جو اسڪور 106 رنسن تائين پهچايو، جتي بابر اعظم 45 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. پاڪستان کي چوٿون نقصان 118 رنسن تي ٿيو، جڏهن سعد بيگ 39 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويو.پنجين وڪيٽ لاءِ سلمان علي آغا ۽ حسن نواز وچ ۾ 97 رنسن جي اهم ڀائيواري قائم ٿي. حسن نواز 37 رنسون ٺاهي 215 رنسن جي مجموعي اسڪور تي آئوٽ ٿيو.ڇهين وڪيٽ لاءِ عرفات منهاس، سلمان علي آغا جو ساٿ ڏنو ۽ ٻنهي وچ ۾ 64 رنسن جي ڀائيواري قائم ٿي. عرفات منهاس 18 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو.سلمان علي آغا شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي پنهنجي ڪيريئر جي چوٿين سينچري مڪمل ڪئي. هو 291 رنسن جي مجموعي اسڪور تي آئوٽ ٿيو. ان کان اڳ عرفات منهاس 279 رنسن تي آئوٽ ٿيو هو. آخري اوورن ۾ پاڪستاني بيٽرز وڌيڪ رنسون ٺاهڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيا ۽ پوري ٽيم 305 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي.شاهين آفريدي 13 ۽ فهيم اشرف 6 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته نسيم شاهه ۽ حارث رؤف بنا ڪا رنس ٺاهڻ جي آئوٽ ٿيا.سريلنڪا طرفان ايشان ملنگا 4، اسيٿا فرنينڊو 3 ۽ دلشان مدوشنڪا 2 وڪيٽون حاصل ڪيون.
سريلنڪا جي ٽيم 268 رنسن تي آئوٽ
306 رنسن جي هدف پٺيان سريلنڪا جي ٽيم محتاط شروعات ڪئي، پر اوپنر اوشڪا فرنينڊو 5 ۽ ڪپتان ڪوسل مينڊس 18 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويا. ڪمنڊو مينڊس 44 رنسون ٺاهي ٽيم جو اسڪور اڳتي وڌايو.91 رنسن تائين سريلنڪا جون چار وڪيٽون ڪري چڪيون هيون، جنهن کانپوءِ پوون رتنانائڪي ۽ جنيٿ لياناگي مزاحمت ڪندي بالترتيب 79 ۽ 60 رنسون ٺاهيون. ٻنهي بيٽرن ٽيم کي ڪاميابي ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي، پر پاڪستاني بالرن سندن اميدن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو.آخري مرحلي ۾ داسن شناڪا 28 رنسون ٺاهيون، پر سريلنڪا جي ٽيم هدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي ۽ 268 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي.پاڪستان طرفان شاهين آفريدي 3 وڪيٽون حاصل ڪيون، جڏهن ته فهيم اشرف، نسيم شاهه ۽ حارث رؤف ٻن ٻن رانديگرن کي آئوٽ ڪيو.ٽاس جي موقعي تي پاڪستاني ٽيم جي ڪپتان شاهين آفريدي چيو ته وڪيٽ تازي آهي ۽ جيڪڏهن پاڪستان ٽاس کٽي ها، تڏهن به پهرين بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪري ها. هن چيو ته ٽيم جي ڪوشش هوندي ته 300 رنسن جو هدف ڏئي. پاڪستان 20 آڪٽوبر تي بئي ميچ انگلينڊ سان کيڏندو ۽ 22 آڪٽوبر تي سريلنڪا ۽ انگلينڊ جو ميچ ٿيندو. جنهن بعد بقايا 4 ميچز لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيا ويندا.










