فيفا جو 6 ارب 35 ڪروڙ ڊالرن جي سيڙپڪاريءَ جو منصوبو

فيفا جو 6 ارب 35 ڪروڙ ڊالرن جي سيڙپڪاريءَ جو منصوبو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) فيفا دنيا ۾ فٽبال جي ترقيءَ لاءِ 6 ارب 35 ڪروڙ ڊالرن جي سيڙپڪاريءَ جو منصوبو تيار ڪري ورتو آهي، جنهن تحت پاڪستان سميت 211 ميمبر ملڪن کي في ملڪ اڍائي ڪروڙ ڊالرن تائين اضافي فنڊ فراهم ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. فيفا ورلڊ ڪپ 2026ع جي رڪارڊ تجارتي ڪاميابيءَ کانپوءِ فٽبال جي ترقيءَ لاءِ فنڊنگ ۾ واڌ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. فيفا 2027ع کان 2030ع تائين فٽبال جي ترقيءَ لاءِ تجويز ڪيل مالي سهائتا ٻيڻي کان به وڌيڪ ڪرڻ جو منصوبو پيش ڪيو آهي. تجويز ڪيل منصوبي تحت پاڪستان سميت سمورن 211 ميمبر ملڪن کي اضافي فنڊ ملي سگهندا، جڏهن ته نئين منصوبي جي حتمي منظوري مارچ 2027ع ۾ فيفا ڪانگريس ڏيندي. فيفا ڪائونسل ڊسمبر 2026ع ۾ ٿيندڙ اجلاس دوران فنڊنگ منصوبي جي تفصيلن کي حتمي شڪل ڏيندي.فيفا فنڊن جي ورڇ ۾ عورتن ۽ نوجوانن جي فٽبال، راندين جي بنيادي ڍانچي ۽ سهولتن جي ترقيءَ کي اوليت ڏيڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. ان سان گڏ هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ ارب 70 ڪروڙ ڊالرن جا ذخيرا برقرار رکڻ جي تجويز پڻ پيش ڪئي وئي آهي. ٻئي طرف فيفا جي صدر جياني انفنٽينو تڪراري ’فيفا فارورڊ انٽرپرائز‘ منصوبي ۾ ٿيل غلطين جو اعتراف ڪندي معافي گهري آهي. هن منصوبي کي مستقل طور ختم ڪرڻ جو اعلان ڪندي واضح ڪيو آهي ته اهو ڪنهن به صورت ۾ ٻيهر پيش نه ڪيو ويندو. فيفا صدر جو چوڻ هو ته اداري جا فنڊ ان جي 211 ميمبر ملڪن جي ملڪيت آهن. گذريل ڏهن سالن دوران هر ميمبر ملڪ لاءِ فنڊنگ هڪ لک ڊالرن مان وڌائي اڍائي ڪروڙ ڊالرن تائين پهچائڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آهي. فٽبال هر ڪنهن لاءِ ۽ هر هنڌ موجود آهي. جياني انفنٽينو موجب فيفا ڪائونسل اداري جي انتظامي ڍانچي ۽ گورننس ۾ ممڪن سڌارن جو جائزو وٺڻ لاءِ ورڪنگ گروپ قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. جڏهن ته فيفا پيس پرائز جو جائزو وٺڻ جي ذميواري لاڳاپيل ڪميٽيءَ حوالي ڪئي وئي آهي. فيفا پيس پرائز بابت فيصلو ڊسمبر ۾ ٿيندڙ ڪائونسل جي اجلاس ۾ ڪيو ويندو. ان کانسواءِ رانديگرن خلاف تاديبي ڪارروائين جي طريقيڪار جو پڻ جائزو ورتو ويندو. آمريڪي فٽبالر فولارين بالوگن جي هڪ ميچ جي پابندي مشروط طور ملتوي ڪرڻ واري فيصلي کانپوءِ تاديبي ضابطن تي نظرثاني جو فيصلو ڪيو ويو آهي. فيفا جي قانوني ڪميٽي ڊسمبر ۾ ٿيندڙ ڪائونسل اجلاس ۾ تاديبي ڪارروائين جي طريقيڪار بابت رپورٽ پيش ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو