اقرار الحسن جو جسماني رمانڊ ڏيڻ وارو فيصلو چئلينج

اقرار الحسن جو جسماني رمانڊ ڏيڻ وارو فيصلو چئلينج

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سيشن عدالت اوڀر ۾ عوام راڄ پارٽي جي سربراهه ۽ اينڪر اقرار الحسن خلاف رياست مخالف مواد واري ڪيس ۾ وڪيل صفائي ميان علي اشفاق پاران مئجسٽريٽ جي جسماني رمانڊ واري فيصلي کي چئلينج ڪيو ويو آهي.وڪيل صفائي ميان علي اشفاق موقف اختيار ڪيو ته مئجسٽريٽ جي فيصلي ۾ جسماني رمانڊ ڏيڻ لاءِ ڪي به مضبوط ۽ غيرمعمولي سبب بيان نه ڪيا ويا آهن. هن چيو ته اقرار الحسن جا چار موبائل فون ۽ هڪ ٽيبليٽ نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي (اين سي سي آءِ اي) جي تحويل ۾ آهن. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي دوران سڀاڻي جاچ آفيسر ۽ ٻين ڌرين کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو