لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ قتل ڪيس ۾ عمر قيد جي سزا مليل جوابدار کي ڇهن سالن کانپوءِ بري ڪندي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. جسٽس فاروق حيدر جوابدار سفيان جي اپيل منظور ڪندي ٽرائل ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. عدالت موجب، ڪيس دير سان داخل ٿيڻ ۽ شاهدن جي بيانن ۾ تضاد سبب جوابدار کي بري ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو. واقعي کان ٽن ڏينهن کانپوءِ ڪيس داخل ٿيڻ جو ڪو به سبب ثابت نه ٿي سگهيو. عدالت وڌيڪ چيو ته شاهدن ۽ فريادي جي بيانن ۾ واضح تضاد موجود هو. واضح رهي ته واقعو 13 مئي 2020ع تي پيش آيو هو، جنهن ۾ هڪ شهري زخمي ٿيو هو، جيڪو زخمن جا سور نه سهندي 19 مئي تي فوت ٿي ويو هو.










