ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي ليجنڊري اداڪار اميتاڀ بچن رٽائرمينٽ بابت پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي چيو آهي ته هو اڃا ڪم ڇڏڻ بابت سوچي به نٿو سگهي. هڪ انٽرويو دوران فلمسازي ۽ رٽائرمينٽ بابت ڳالهائيندي اميتاڀ بچن چيو ته هدايتڪار بڻجڻ جو خيال به ڪڏهن سندس ذهن ۾ نه آيو، ڇاڪاڻ ته هو ان فن کي ايتري سٺي نموني نٿو ڄاڻي. اداڪار جو چوڻ هو ته ٻيا تخليقي ماڻهو کيس چئلينج ڏيندا آهن، جنهن کي هو قبول ڪري وٺندو آهي، پر ان کان اڳتي هن ڪڏهن به نه سوچيو آهي. رٽائرمينٽ بابت سوال تي اميتاڀ بچن چيو ته هو ڪم ڇڏڻ بابت ڇو سوچي؟ ماڻهو کيس ڪم تان رٽائر ڪرائڻ لاءِ ايترا بيچين ڇو آهن؟هن وڌيڪ چيو ته هو موت جي منهن تائين پهچي چڪو هو، پر پوءِ کيس ٻيهر زندگي ملي. سندس چوڻ هو ته انهن سالن دوران ڪا نه ڪا هستي سندس حفاظت ڪندي رهي آهي.










