اسلام آباد (بيورو رپورٽ)جوڊيشل ڪميشن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچن جي مدي ۾ هڪ سال واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اها منظوري 14 جي مقابلي ۾ هڪ ووٽ جي اڪثريت سان ڏني وئي.جوڊيشل ڪميشن جي اجلاس ۾ احسن ڀون جي تعليمي سندن، انرولمينٽ ۽ پيشوراڻي اهليت جي تصديق بابت ڪيپٽن (ر) محمد صفدر اعواڻ جي شڪايت پڻ پيش ڪئي وئي. جوڊيشل ڪميشن جي سيڪريٽري موجب، پاڪستان بار ڪائونسل جي سيڪريٽري اجلاس کي آگاهه ڪيو ته احسن ڀون جي ڊگري 2021ع ۽ 2026ع ۾ پاڪستان بار ڪائونسل جي چونڊن دوران تصديق لاءِ ريٽرننگ آفيسر ۽ اٽارني جنرل پاڪستان وسيلي موڪلي وئي هئي. سيڪريٽري موجب، پنجاب يونيورسٽي ٻنهي موقعن تي احسن ڀون جي ڊگري کي اصلي قرار ڏنو هو. چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي سمورن موجوده ججن کي آئيني بينچن لاءِ ٻيهر نامزد ڪرڻ جو فيصلو پڻ ڪيو ويو.










