اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدر آصف علي زرداري وزيراعظم جي مشوري تي چيف جسٽس پاڪستان ۽ چيف جسٽس وفاقي آئيني عدالت جي پرڏيهي ملڪن جي دوري جي منظوري ڏئي ڇڏي.ايوان صدر طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب صدر آصف علي زرداري وزيراعظم شهباز شريف جي مشوري تي چيف جسٽس آف پاڪستان جي برطانيه، ڏکڻ ڪوريا ۽ جاپان جي دورن لاءِ اين او سي ۽ پاڪستان کان ٻاهر وڃڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.پڌرائي موجب چيف جسٽس آف پاڪستان 14 کان 12 آڪٽوبر ۽ 27 آۡٽوبر کان 4 نومبر 2026 تائين برطانيه، ڏکڻ ڪوريا ۽ جاپان جي دوري تي ويندو.انهي کان علاوه صدر آصف علي زرداري وزيراعظم جي مشوري تي چيف جسٽس وفاقي آئيني عدالت پاڪستان جي آذربائيجان جي دوري جي منظوري به ڏئي ڇڏي. پڌرائي موجب چيف جسٽس وفاقي آئين عدالت پاڪستان 19 کان 22 آڪٽوبر 2026 تائين آذربائيجان ۾ ترڪ دنيا جي آئيني عدالتن ۽ آئيني اختيار رکندڙ ادارن جي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو.










