ايمان ۽ چٺا سان وڪيلن جي ملاقات ڪرائڻ جو حڪم

ايمان ۽ چٺا سان وڪيلن جي ملاقات ڪرائڻ جو حڪم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت، بيرير هٽائڻ واري دهشتگرديءَ جي ڪيس ۾ ايمان مزاري ۽ هادي علي چٺا جي وڪيلن کي جيل ۾ ملاقات ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج طاهر عباس سپرا ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران ڊاڪٽر شيرين مزاري، ايڊووڪيٽ رياست علي آزاد ۽ ايڊووڪيٽ ايمل خان عدالت ۾ پيش ٿيا. عدالت رياست علي آزاد، زينب جنجوعه ۽ ايمل خان کي ايمان مزاري ۽ هادي علي چٺا سان جيل ۾ ملاقات ڪرائڻ جي هدايت ڪئي. ٻڌڻيءَ دوران وڪيل رياست علي آزاد موقف اختيار ڪيو ته جيڪڏهن ايمان مزاري ۽ هادي علي چٺا سان ملاقات نه ڪرائي ويندي ته هو ڪيس جي ڪارروائي اڳتي ڪيئن هلائي سگهندا. ان موقعي تي جج طاهر عباس سپرا ريمارڪس ڏنا ته دهشتگرديءَ جي قانون موجب ڪيس جي روزاني بنيادن تي ٻڌڻي ٿيڻ گهرجي. هن سرڪاري ڌر جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته ڪيس ۾ وڌيڪ ڪيترا شاهد پيش ٿيڻا آهن، جنهن تي پراسيڪيوٽر ٻڌايو ته سندس ڌر جا 9 شاهد آهن. عدالت پراسيڪيوٽر کي هدايت ڪئي ته جوابدارن تائين وڪيلن جي پهچ يقيني بڻائڻي پوندي.ٻڌڻيءَ دوران هادي علي چٺا سوال اٿاريو ته کيس عدالت ۾ پيش ڇو نه پيو ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته سندس چوڻ موجب اهو شفاف ٽرائل جي اصولن جي ابتڙ آهي. هن چيو ته هو گذريل اٺن مهينن کان جيل ۾ آهي ۽ کيس سمجهه ۾ نٿو اچي ته پنهنجي ڪيس جي ڪارروائي ڪيئن اڳتي وڌائي. هادي علي چٺا وڌيڪ چيو ته جيل ۾ ملاقات لاءِ مقرر هنڌن تي ڪيمرا لڳل هوندا آهن، اهڙي صورتحال ۾ وڪيل ۽ موڪل جي وچ ۾ رازدارانه صلاح مشورو ڪيئن ٿي سگهي ٿو؟هن جو چوڻ هو ته سزا ۽ جزا جو فيصلو عدالت کي ڪرڻو آهي، تنهن ڪري کيس عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي ته جيئن عدالت فيصلو ڪري سگهي ته هو ۽ ايمان مزاري دهشتگرد آهن يا نه. عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 14 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو