شڪاگو ميراٿن ۾ پاڪستانين جي شرڪت، نزار نِياني سڀني کان نمايان

شڪاگو ميراٿن ۾ پاڪستانين جي شرڪت، نزار نِياني سڀني کان نمايان

شڪاگو (ويب ڊيسڪ)آمريڪا ۾ ٿيل شڪاگو ميراٿن 2026ع ۾ دنيا جي مختلف ملڪن مان پاڪستاني ڊوڙڪارن پڻ شرڪت ڪئي، جنهن ۾ آمريڪي رياست ٽيڪساس ۾ رهندڙ نزار نِياني 3 ڪلاڪ ۽ 45 سيڪنڊن ۾ ريس مڪمل ڪري پاڪستاني شرڪت ڪندڙن ۾ سڀني کان نمايان رهيو.نزار نِياني رڳو 46 سيڪنڊن جي فرق سبب ميراٿن ٽن ڪلاڪن کان گهٽ وقت ۾ مڪمل ڪرڻ جو هدف حاصل نه ڪري سگهيو. ڪراچيءَ سان واسطو رکندڙ مصطفيٰ 3 ڪلاڪ، 29 منٽ ۽ 18 سيڪنڊن ۾ ريس مڪمل ڪئي، جڏهن ته نيويارڪ ۾ رهندڙ بشريٰ انجم 3 ڪلاڪ، 31 منٽ ۽ هڪ سيڪنڊ ۾ فنش لائين پار ڪري پاڪستاني عورتن ۾ نمايان رهي. ابوبڪر محمد افضل 3 ڪلاڪ، 32 منٽ ۽ 39 سيڪنڊن، جڏهن ته پاڪستاني ڄائي آمريڪي شهري بابر غياث 3 ڪلاڪ، 42 منٽ ۽ 44 سيڪنڊن ۾ ريس مڪمل ڪئي. نزار نِياني ميراٿن جا شروعاتي 10 ڪلوميٽر 40 منٽ ۽ 22 سيڪنڊن ۾، جڏهن ته اڌ ميراٿن جو فاصلو هڪ ڪلاڪ، 25 منٽ ۽ 41 سيڪنڊن ۾ طئي ڪيو. بهرحال، ريس جي ٻئي مرحلي ۾ رفتار گهٽجڻ سبب هو ميراٿن ٽن ڪلاڪن کان گهٽ وقت ۾ مڪمل ڪرڻ جو هدف حاصل نه ڪري سگهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو