ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پرتگال فٽبال فيڊريشن جي صدر پيڊرو پروينسا موجب، 41 سالن جي فٽبال ٽيم جي ڪپتان ڪرسٽيانو رونالڊو کي عارضي طور ڪپتاني تان معطل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته سموريون ڌريون گڏجي ڳالهه ٻولهه ڪري رهيون آهن ۽ پرتگال کي پنهنجي ڪپتان جي ٽيم ۾ واپسيءَ جي شديد خواهش آهي.
واضح رهي ته رونالڊو کي نئشنز ليگ جي فائنل لاءِ شروعاتي يارنهن رانديگرن ۾ شامل نه ڪرڻ تي هن ٽيم جو ڪيمپ ڇڏي ڏنو هو.










