ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جوڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ منشيات ۽ هٿيار هٿ اچڻ وارن ڪيسن ۾ جوابدار انمول عرف پنڪي کي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. جيل اختيارين طرفان جوابدار عورت ۽ سندس ساٿي جوابدارن کي اڄ وڊيو لنڪ ذريعي عدالت ۾ پيش نه ڪيو ويو، جنهن تي عدالت سڀني جوابدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي لازمي طور پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. عدالت جوابدار انمول عرف پنڪي جي ذاتي حاضري پڻ يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏيندي ريمارڪس ڏنا ته جوابدار عورت جي عدالت ۾ حاضري لازمي آهي، جڏهن ته وڊيو لنڪ ذريعي ڪيس جون ڪاپيون فراهم ڪرڻ ممڪن ناهي. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 13 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪندي روپوش جوابدارن کي اشتهاري قرار ڏيڻ جي ڪارروائي جاري رکڻ جي پڻ هدايت ڪئي. پراسيڪيوشن موجب جوابدارن کي هلندڙ سال گرفتار ڪيو ويو هو، جڏهن ته جوابدار انمول پنڪي تي وڏي پيماني تي منشيات جي خريد ۽ وڪري ۾ ملوث هجڻ جو الزام آهي. پراسيڪيوشن موجب جوابدارن خلاف گارڊن ٿاڻي تي منشيات ۽ هٿيار هٿ اچڻ جا ڪيس داخل ڪيا ويا هئا.










