اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچن جي مدي ۾ واڌ جي معاملي تي غور لاءِ جوڊيشل ڪميشن جو اجلاس 13 آڪٽوبر تي طلب ڪيو ويو آهي.ذريعن موجب چيف جسٽس آف پاڪستان يحيٰ آفريدي جوڊيشل ڪميشن جي اجلاس جي صدارت ڪندو. اجلاس دوران سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ قائم آئيني بينچن جي مدي ۾ واڌ واري معاملي تي غور ڪيو ويندو. جوڊيشل ڪميشن جو اجلاس 13 آڪٽوبر تي منجهند ڏيڍ وڳي سپريم ڪورٽ جي ڪانفرنس روم ۾ ٿيندو. واضح رهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آئيني بينچن جو موجوده مدو 25 آڪٽوبر تي ختم ٿي رهيو آهي.










