اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ بلديه ٽائون سانحي ڪيس ۾ جوابدارن جي بريت خلاف سنڌ حڪومت جون نظرثاني درخواستون رد ڪري ڇڏيون. سپريم ڪورٽ جي جسٽس ملڪ شهزاد احمد خان جي سربراهي ۾ جسٽس عقيل احمد عباسي ۽ جسٽس شڪيل احمد تي ٻڌل 3 رڪني بينچ نظرثاني درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران سنڌ حڪومت طرفان ايڊيشنل پراسيڪيوٽر جنرل سليم اختر دليل ڏنا. عدالت ٻڌڻي مڪمل ڪرڻ بعد بلديه ٽائون سانحي ۾ جوابدارن جي بريت خلاف سنڌ حڪومت جون نظرثاني درخواستون خارج ڪري ڇڏيون، جڏهن ته ايم ڪيو ايم طرفان عدالتي ريمارڪس ختم ڪرڻ لاءِ داخل درخواست پڻ خارج ڪئي وئي.










