بيرئر هٽائڻ وارو ڪيس، ايمان ۽ هادي چٺا تي فردِ جرم لاڳو

بيرئر هٽائڻ وارو ڪيس، ايمان ۽ هادي چٺا تي فردِ جرم لاڳو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ايمان مزاري ۽ هادي علي چٺا خلاف بيرئر هٽائڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران عدالت ٻنهي جوابدارن تي فردِ جرم لاڳو ڪري ڇڏي. ڪيس جي ٻڌڻي جج طاهر عباس سپرا ڪئي.ڊاڪٽر شيرين مزاري، وڪيل ايمل خان مندوخيل، زينب جنجوعه ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا، جڏهن ته پراسيڪيوٽر راجا نويد پڻ عدالت آڏو موجود هو.وڪيل زينب جنجوعه عدالت کي ٻڌايو ته عدالتي حڪم باوجود سندس ملاقات جوابدارن سان نه ڪرائي وئي ۽ ايمان مزاري توڙي هادي علي چٺا کي ڪيس جون ڪاپيون پڻ فراهم نه ڪيون ويون. هن چيو ته هوءَ ٻن ڪلاڪن تائين جيل ٻاهران انتظار ڪندي رهي، پر عدالتي حڪم باوجود ملاقات نه ڪرائي وئي.زينب جنجوعه عدالت کان مطالبو ڪيو ته ايمان مزاري ۽ هادي علي چٺا کي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.ان تي جج طاهر عباس سپرا چيو ته جيل اختيارين جون رپورٽون سندس سامهون موجود آهن. زينب جنجوعه چيو ته جڏهن ٻين قيدين کي اڊيالا جيل مان عدالت ۾ آندو پيو وڃي ته انهن ٻنهي کي عدالت ۾ ڇو پيش نه ڪيو پيو وڃي؟ عدالت ايمان مزاري ۽ هادي علي چٺا تي فردِ جرم لاڳو ڪري ڇڏي، جڏهن ته استغاثه جي شاهدن کي 9 آڪٽوبر تي طلب ڪيو ويو. ايمان مزاري ۽ هادي علي چٺا کي وڊيو لنڪ ذريعي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. هادي علي چٺا فردِ جرم لاڳو ڪرڻ تي اعتراض ڪندي چيو ته کيس اڃا تائين ڪيس جون ڪاپيون به فراهم نه ڪيون ويون آهن. هن چيو ته جيستائين قانوني گهرجون پوريون نه ٿيون ٿين، تيستائين فردِ جرم لاڳو نٿي ڪري سگهجي.زينب جنجوعه پڻ اعتراض ڪندي چيو ته نه ته ايمان مزاري ۽ هادي علي چٺا کي ڪيس جون ڪاپيون ڏنيون ويون آهن ۽ نه ئي کين وڪيلن سان ملاقات ڪرائي وئي آهي. هن چيو ته قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ کانسواءِ عدالت فردِ جرم لاڳو نٿي ڪري سگهي.عدالت طرفان اعتراضن باوجود ايمان مزاري ۽ هادي علي چٺا تي فردِ جرم لاڳو ڪئي وئي. ان موقعي تي جج طاهر عباس سپرا زينب جنجوعه سان مخاطب ٿيندي چيو ته هوءَ عدالت جي ان حڪم کي چئلينج ڪري سگهي ٿي.عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي ايمان مزاري ۽ هادي علي چٺا کي ذاتي طور عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي 9 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو