ميسي پاران انٽرنيشنل فٽبال کي شاندار فتح سان الوداع

ميسي پاران انٽرنيشنل فٽبال کي شاندار فتح سان الوداع

دبئي (ويب ڊيسڪ) ارجنٽينا جي عالمي شهرت يافته فٽبالر ليونل ميسي پنهنجي آخري انٽرنيشنل ميچ ۾ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي فتح سان قومي ٽيم کي الوداع چئي ڇڏيو.بيونس آئرس جي مونومينٽل اسٽيڊيم ۾ 85 هزار کان وڌيڪ تماشائين جي موجودگيءَ ۾ کيڏيل ميچ دوران ليونل ميسي پهريان نڪولس اوٽامينڊي ۽ پوءِ نيڪو پاز جي گولن ۾ مدد ڪئي، جڏهن ته 71هين منٽ ۾ پنالٽي تي پاڻ به گول ڪري اسڪور 0-3 ڪري ڇڏيو. اهو ارجنٽينا لاءِ ميسي جو 126 هون انٽرنيشنل گول هو.39 ورهين جي اسٽار فٽبالر هن ميچ سان ارجنٽينا لاءِ پنهنجي 21 سالن تي ٻڌل انٽرنيشنل فٽبال ڪيريئر جو اختتام ڪيو. ميسي قومي ٽيم طرفان 208 ميچون کيڏندڙ، سڀ کان وڌيڪ ڪيپس رکندڙ ۽ رڪارڊ گول اسڪور ڪندڙ رانديگر طور رخصت ٿيو.انٽرنيشنل فٽبال جي آخري ميچ کان اڳ ۽ دوران ميسي ڪيترائي ڀيرا جذباتي نظر آيو، جڏهن ته قومي تراني دوران اسٽار فٽبالر جون اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي ويون.اسٽيڊيم ۾ ميسي جي اعزاز ۾ خاص پيغام سان گڏ سندس جرسي جو نمبر 10 پڻ نمايان ڪيو ويو. ميچ جي 10هين منٽ ۾ سندس جرسي نمبر 10 جي اعزاز ۾ راند روڪي وئي ۽ شوقينن هڪ منٽ تائين تاڙيون وڄائي ميسي کي ڀيٽا پيش ڪئي.ميچ جي پڄاڻيءَ تي ڊرون شو ذريعي پڻ ليونل ميسي کي شاندار خراج تحسين پيش ڪيو ويو.واضح رهي ته ميسي ڪلب فٽبال ۾ في الحال انٽر ميامي جي نمائندگي جاري رکندو.

پهنجو تبصرو موڪليو