انجلينا جو ٻيهر غزه جي تباهي طرف دنيا جو ڌيان ڇڪائڻ جي ڪوشش

انجلينا جو ٻيهر غزه جي تباهي طرف دنيا جو ڌيان ڇڪائڻ جي ڪوشش

لاس اينجلس(ويب ڊيسڪ) هالي ووڊ اداڪارا انجلينا جولي هڪ ڀيرو ٻيهر دنيا جو ڌيان غزه ۾ ٿيل تباهي طرف ڇڪائيندي چيو آهي ته غزه جا سمورا علائقا ملبي جي ڍير ۾ تبديل ٿي چڪا آهن.انجلينا جولي غزه جي تباهي جون سيٽلائيٽ تصويرون شيئر ڪندي چيو ته اتي گهر، اسڪول، اسپتال، روڊ ۽ بنيادي سهولتون وڏي پيماني تي تباهه ٿي چڪيون آهن. هن خبردار ڪيو ته سردي جي آمد کان اڳ غزه جي 94 سيڪڙو آبادي کي رهائش ۽ ضروري سامان جي ضرورت آهي. واضح رهي ته ان کان اڳ به انجلينا جولي چيو هو ته غزه فلسطينين ۽ انهن جي مدد ڪندڙن لاءِ اجتماعي قبر بڻجي چڪو آهي. انجلينا جولي جي ان بيان تي انتهاپسند يهودي ڌرين طرفان ڪاوڙ ۽ ردعمل جو اظهار پڻ ڪيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو