دل ٽٽل همسفر قبول، خوشي ٿيندي ته سندس دل جوڙڻ جو سبب بڻجان

دل ٽٽل همسفر قبول، خوشي ٿيندي ته سندس دل جوڙڻ جو سبب بڻجان

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاڪستاني اداڪارا نازش جهانگير پنهنجي مستقبل جي زندگيءَ جي ساٿي بابت ڳالهائيندي چيو آهي ته سندس همسفر بابت گهڻيون گهرجون ناهن، کيس رڳو پنهنجي مزاج جهڙو ساٿي گهرجي. هڪ تازي انٽرويو دوران اداڪارا کان پڇيو ويو ته هوءَ ڪهڙي قسم جو ڇوڪرو پنهنجي زندگيءَ جي ساٿي طور پسند ڪندي؟ نازش جهانگير جواب ڏيندي چيو ته کيس پنهنجي جهڙو ڇوڪرو گهرجي، جنهن سان هوءَ کلندي، کيڏندي ۽ ڪڏهن ٿورا گهڻا جهيڙا ڪندي زندگي گذاري سگهي. ميزبان سوال ڪيو ته جيڪڏهن مستقبل جي همسفر جو دل اڳ ئي ٽٽل هجي ته ڇا هوءَ کيس قبول ڪندي؟ان تي نازش جهانگير چيو ته هوءَ اهڙي شخص کي ضرور قبول ڪندي، بلڪه کيس خوشي ٿيندي ته هوءَ اها ڇوڪري هجي، جنهن سندس ٽٽل دل کي ٻيهر جوڙڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو. اداڪارا چيو ته هوءَ چاهيندي ته سندس همسفر اهو چوي ته ”هيءَ اها ڇوڪري آهي، جيڪا منهنجي ٽٽل دل کي جوڙڻ جو سبب بڻي“ ۽ اهو لمحو کيس تمام گهڻو وڻندو. انٽرويو دوران نازش جهانگير پنهنجي سوتيلي ماءُ بابت به ڳالهائيندي چيو ته ضروري ناهي ته سڀئي سوتيليون مائرون خراب هجن، سندس سوتيلي ماءُ تمام سٺي آهي. نازش جهانگير موجب سندس والده جي لاڏاڻي کانپوءِ والد ٻي شادي ڪئي ۽ سندس سوتيلي ماءُ سڄي خاندان جو تمام سٺي نموني خيال رکي ٿي، جڏهن ته هوءَ سندس والد جي به سنڀال ڪري ٿي، تنهنڪري هوءَ اهو نٿي چئي سگهي ته سوتيليون مائرون خراب هونديون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو