رضوان کي قانوني عمل جي پيروي ڪرڻ گهرجي: يونس خان

رضوان کي قانوني عمل جي پيروي ڪرڻ گهرجي: يونس خان

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان يونس خان هڪ ڀيرو ٻيهر محمد رضوان جي معاملي تي ڳالهائيندي چيو آهي ته هو ڪرڪيٽر طور محمد رضوان سان گڏ بيٺل آهي، پر هن معاملي ۾ ڳالهائيندي احتياط کان ڪم وٺڻ گهرجي. گفتگو دوران يونس خان چيو ته اسان ڪرڪيٽرن کي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کان وڏو ٿيڻ جي ڪوشش نه ڪرڻ گهرجي، جڏهن ته نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي (اين سي سي آءِ اي) هڪ معتبر ادارو آهي ۽ محمد رضوان کي گهرجي ته هو قانوني عمل جي پيروي ڪري. هن چيو ته اسان ڪنهن جا وڪيل ناهيون ۽ نه ئي اسان کي هن ڪيس بابت مڪمل ڄاڻ آهي. محمد رضوان سان لاڳاپيل سمورو معاملو هڪ سرڪاري دوري دوران پيش آيو، تنهنڪري جيستائين ڪيس جو نتيجو سامهون نٿو اچي، تيستائين ان بابت ڳالهائيندي احتياط ڪرڻ گهرجي. يونس خان چيو ته ماضي ۾ کيس به اهڙي صورتحال کي منهن ڏيڻو پيو هو ۽ سندس معاملو تقريبن 4 مهينا هلندو رهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو