لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) سريلنڪا خلاف ٽي ٽوئنٽي ۽ ٽيسٽ سيريز، جڏهن ته انگلينڊ، پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ ون ڊي ٽرائي سيريز لاءِ ميچ آفيسلز پينل جو اعلان ڪري ڇڏيو. ون ڊي ٽرائي سيريز ۾ آءِ سي سي ايلٽ پينل جي ميچ ريفري جيف ڪرو ذميواريون نڀائيندو، جڏهن ته امپائرن جي پينل ۾ احسن رضا، شرفدوله، آصف يعقوب، راشد رياض، فيصل آفريدي ۽ ناصر حسين شامل آهن. نيوزيلينڊ سان تعلق رکندڙ امپائر وين نائٽس به ٽرائي سيريز ۾ امپائرنگ جون ذميواريون نڀائيندو. فائنل ۾ احسن رضا ۽ وين نائٽس آن فيلڊ امپائر، جڏهن ته شرفدوله ٿرڊ امپائر هوندو. شرفدوله ۽ وين نائٽس ٽرائي سيريز ۾ ترتيبوار 4 ۽ 3 ميچن ۾ ٿرڊ امپائر جا فرض به سرانجام ڏيندا. ٽيسٽ سيريز ۾ انگلينڊ سان تعلق رکندڙ آءِ سي سي ايمرجنگ پينل جو ريفري ڊين ڪوسڪر ذميواريون نڀائيندو، جيڪو راولپنڊي ۾ ٽيسٽ ريفري طور ڊيبيو ڪندو. آءِ سي سي ايلٽ پينل جا امپائر روڊ ٽڪر، ايڊرين هولڊسٽاڪ ۽ الاھودين پالڪير ٽيسٽ سيريز ۾ آن فيلڊ امپائر هوندا. پالڪير ۽ روڊ ٽڪر پهرين ۽ ٻي ٽيسٽ ۾ ترتيبوار ٿرڊ امپائر جون ذميواريون نڀائيندا. پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ آءِ سي سي انٽرنيشنل پينل جي ميچ ريفري علي نقوي کي مقرر ڪيو ويو آهي. راشد رياض، ناصر حسين ۽ فيصل آفريدي ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ آن فيلڊ ۽ ٿرڊ امپائر جون ذميواريون نڀائيندا، جڏهن ته طارق رشيد ٽنهي ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ فورٿ امپائر هوندو. پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي سيريز 9، 11 ۽ 13 آڪٽوبر تي راولپنڊي ۾ کيڏي ويندي. ون ڊي ٽرائي سيريز 18 کان 31 آڪٽوبر تائين راولپنڊي ۽ لاهور ۾ ٿيندي، جڏهن ته پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ ٻن ٽيسٽ ميچن واري سيريز 9 کان 21 نومبر تائين راولپنڊي ۽ لاهور ۾ کيڏي ويندي.










