ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پاڪستان جمعي ڏينهن ايشين گيمز ۾ هڪ ٻيو ميڊل يقيني بڻائي ورتو، جڏهن نور زمان ۽ محمد اصحاب عرفان پنهنجا پنهنجا سنگلز مقابلا کٽي اسڪواش مقابلي جي سيمي فائنل ۾ پهچي ويا.
ٽئين نمبر تي سيڊ ٿيل نور زمان هانگ ڪانگ جي چي هِن هينري ليونگ کي شڪست ڏني، جڏهن ته پنجين نمبر تي سيڊ ٿيل اصحاب عرفان ڀارت جي وير چوٽراني کي مات ڏني. ٻنهي رانديگرن ناگويا ڪينجو فُٽو ايرينا ۾ ڪاميابي حاصل ڪري پاڪستان کي مقابلي جي ميڊل مرحلي ۾ پهچايو.
ڊرا ۾ پاڪستان جو سڀ کان وڌيڪ رينڪنگ رکندڙ رانديگر نور زمان، ليونگ طرفان سخت مقابلي کي منهن ڏنو، پر هن پنهنجو حوصلو برقرار رکندي آخري چئن رانديگرن ۾ جاءِ ٺاهي ورتي.
اصحاب عرفان پڻ چوٿين نمبر تي سيڊ ٿيل ڀارتي رانديگر خلاف شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري. هو پهرين گيم هارائڻ کانپوءِ شاندار واپسي ڪندي مقابلو 1-3 تان پنهنجي نالي ڪري ويو.
اصحاب عرفان 6-11، 11-8، 11-6 ۽ 11-6 تان ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ گذريل ايشين گيمز جي مردن جي ٽيم فائنل ۾ ڀارت هٿان پاڪستان جي شڪست جو بدلو وٺي ڇڏيو.
ٻنهي رانديگرن جي ڪاميابين جو مطلب آهي ته مردن جي سنگلز اسڪواش مقابلي ۾ پاڪستان جو گهٽ ۾ گهٽ برونز ميڊل پڪو ٿي ويو آهي، ڇاڪاڻ ته سيمي فائنل ۾ شڪست کائيندڙ ٻنهي رانديگرن کي برونز ميڊل ڏنو ويندو.
ٻنهي پاڪستاني رانديگرن خميس ڏينهن آخري 16 جي مقابلي ۾ پنهنجا ميچ کٽي ڪوارٽر فائنل ۾ جاءِ ٺاهي هئي ۽ ان مرحلي تائين پهچڻ دوران هڪ به گيم نه هاري هئي.
نور زمان ڪويت جي عمار التميمي کي 11-4، 11-9، 11-4 تان شڪست ڏني، جڏهن ته اصحاب عرفان سعودي عرب جي محمد النافسان کي 11-9، 11-3، 11-5 تان مات ڏني.
هاڻي نور زمان ۽ اصحاب عرفان ڇنڇر ڏينهن پنهنجا پنهنجا سيمي فائنل مقابلا کيڏندا، جتي آچر ڏينهن ٿيندڙ فائنل ۾ جاءِ ٺاهڻ لاءِ مقابلو ٿيندو.










