جوز بٽلر ٽي ٽوئنٽي ۾ سڀني کان وڌيڪ رنز ٺاهيندڙ رانديگر

جوز بٽلر ٽي ٽوئنٽي ۾ سڀني کان وڌيڪ رنز ٺاهيندڙ رانديگر

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) انگلينڊ جي اسٽار وڪٽ ڪيپر بيٽسمين جوز بٽلر ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ 15 هزار رنز مڪمل ڪندڙ دنيا جو پهريون رانديگر بڻجي ويو.
انگلينڊ جي بيٽر سريلنڪا خلاف ڪارڊيف ۾ کيڏيل ٻئي ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچ دوران اهو تاريخي سنگ ميل عبور ڪيو. بٽلر ايشن ملنگا جي بال تي هڪ رن وٺي ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ پنهنجا 15 هزار رنز مڪمل ڪيا.
هن سنگ ميل سان گڏ جوز بٽلر ويسٽ انڊيز جي آل رائونڊر ڪيرون پولارڊ کي پوئتي ڇڏي ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ رنز ٺاهيندڙ بيٽر جو اعزاز ماڻيو.
جوز بٽلر اهو ڪارنامو 528 ميچن ۾ انجام ڏنو. ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ سندس بيٽنگ جي اوسط 35.46 ۽ اسٽرائيڪ ريٽ 147.46 آهي. هو هن وقت تائين 9 سينچريون ۽ 107 نصف سينچريون پڻ ٺاهي چڪو آهي.
ڪيرون پولارڊ 14 هزار 999 رنز سان فهرست ۾ ٻئي نمبر تي اچي ويو آهي. پولارڊ اهي رنز 754 ميچن ۾ ٺاهيا آهن.
انگلينڊ جو ئي ايلڪس هيلز 14 هزار 581 رنز سان ٽئين نمبر تي موجود آهي. هيلز اهي رنز 537 ميچن ۾ ٺاهيا آهن.
ويسٽ انڊيز جو عظيم بيٽر ڪرس گيل ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ 14 هزار 562 رنز سان چوٿين نمبر تي آهي. هن اهي رنز 463 ميچن ۾ ٺاهيا.
آسٽريليا جو ڊيوڊ وارنر 14 هزار 284 رنز سان پنجين نمبر تي آهي. وارنر اهو مجموعو 439 ميچن ۾ حاصل ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو