پهرين ”ڊريگن فورس اڪيڊمي“ قائم ڪرڻ جو فيصلو

پهرين ”ڊريگن فورس اڪيڊمي“ قائم ڪرڻ جو فيصلو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پرتگال جي ايف سي پورٽو سيالڪوٽ فٽبال اڪيڊمي سان ڀائيواري جو معاهدو ڪيو، ايف سي پورٽو جي پهرين ڊريگن فورس اڪيڊمي پاڪستان ۾ قائم ڪئي ويندي.هن ڀائيواري تحت، پاڪستاني رانديگرن کي جديد ۽ جامع تربيت فراهم ڪئي ويندي، جنهن ۾ ايف سي پورٽو رانديگرن، ڪوچز ۽ مينيجرز جي تربيت لاءِ سهڪار فراهم ڪندو.هي اڪيڊمي نوجوان پاڪستانين کي عالمي معيار جي فٽبال تربيتي طريقن کان متعارف ڪرائيندي.هن ڀائيواري جو مقصد پاڪستاني نوجوانن کي عالمي راندين جي ميدان ۾ اڳتي وڌڻ جا موقعا فراهم ڪرڻ آهي.ايف سي پورٽو جون ”ڊريگن فورس“ اڪيڊميون اڳ ۾ ئي ڏهه ملڪن ۾ قائم آهن، جن ۾ ميڪسيڪو، برازيل، ڪولمبيا، ترڪي، موزمبيق ۽ ڀارت شامل آهن.قابلِ ذڪر ڳالهه اها آهي ته ايف سي پورٽو ۽ سيالڪوٽ فٽبال اڪيڊمي جي وچ ۾ هن ڀائيواري واري معاهدي ۾ پاڪستاني سفارتخاني سهولتڪاري جو ڪردار ادا ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو