ميچ دوران واقعو، رونالڊو پاران مداحن تي پابندي لڳائڻ جو مطالبو

ميچ دوران واقعو، رونالڊو پاران مداحن تي پابندي لڳائڻ جو مطالبو

دبئي (ويب ڊيسڪ) دنيا جي مشهور پرتگالي فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو سعودي ليگ ۾ شامل ڪجهه تماشائين تي تاحيات پابندي لڳائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، ڇنڇر ڏينهن سعودي عرب جي شهر بريده ۾ التعون ۽ الهلال جي وچ ۾ کيڏيل ميچ دوران هڪ بدقسمت واقعو پيش آيو.سعودي پرو ليگ جي هڪ ميچ دوران، پرتگالي فٽبالر روبن نيوس کي سندس مرحوم اڳوڻي ساٿي، فٽبالر ڊيوگو جوٽا جو حوالو ڏيندي نعرا هنيا ويا، جنهن جي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي. ان واقعي جي وڊيو بعد ۾ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي.وائرل ٿيل وڊيو تي تبصرو ڪندي ڪرسٽيانو رونالڊو مطالبو ڪيو ته نعريبازي جا ذميوار تماشائين تي فٽبال اسٽيڊيمز ۾ داخل ٿيڻ جي حوالي سان تاحيات پابندي لڳائي وڃي.ان ميچ ۾ الهلال، التعاون کي 0-6 تان شڪست ڏني؛ روبن نيوس 75 منٽن تائين راند ڪئي ۽ ان کانپوءِ کيس متبادل رانديگر سان تبديل ڪيو ويو.ياد رهي ته ڊيوگو جوٽا ۽ سندس ڀاءُ آندري سلوا 3 جولاءِ 2025 تي اتر اولهه اسپين جي شهر زمورا ۾ هڪ ڪار حادثي ۾ فوت ٿي ويا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو