لڳاتار انگلينڊ کان شڪست، 7 رانديگر ۽ ڪوچ فارغ

لڳاتار انگلينڊ کان شڪست، 7 رانديگر ۽ ڪوچ فارغ

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (PCB) سومر ڏينهن انگلينڊ خلاف جاري ٽيسٽ سيريز دوران محمد رضوان، امام الحق ۽ سلمان علي آغا سميت 7 رانديگرن کي ٽيسٽ اسڪواڊ مان آزاد ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ڪرڪيٽ بورڊ جو اهو فيصلو لارڊز ۾ کيڏيل ٻي ٽيسٽ ۾ پاڪستان کي 194 رنسن جي وڏي شڪست ملڻ کان پوءِ سامهون آيو آهي. هن ڪاميابي سان ميزبان انگلينڊ ٽن ٽيسٽن جي سيريز ۾ 2-0 جي ناقابلِ شڪست برتري حاصل ڪري ورتي آهي. ان کان اڳ به پاڪستان کي هيڊنگلي ۾ کيڏيل پهرين ٽيسٽ ۾ هڪ اننگز ۽ 103 رنسن تان شڪست ملي هئي. ڪرڪيٽ بورڊ طرفان جاري ڪيل پڌرنامي موجب، محمد رضوان، امام الحق، سلمان آغا، علي عثمان، عامر جمال، محمد اويس ظفر ۽ خرم شهزاد کي اسڪواڊ مان آزاد ڪيو ويو آهي. PCB انهن جي جاءِ تي 7 متبادل رانديگرن کي پڻ ٽيسٽ اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو آهي، جن ۾ ٽيسٽ سطح تي اڃا تائين ڊيبيو نه ڪندڙ 5 رانديگر ۽ 2 ٽيسٽ کيڏي چڪا رانديگر شامل آهن. صائم ايوب ۽ عبدالله فضل کي به ٽيسٽ اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. صائم ايوب 8 ۽ عبدالله فضل 2 ٽيسٽ ميچون کيڏي چڪا آهن. ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ اڃا تائين ڊيبيو نه ڪندڙ پنجن رانديگرن ۾ کاٻي هٿ سان اسپن بالنگ ڪندڙ آل رائونڊر عرفات منہاس شامل آهي، جيڪو پاڪستان طرفان 3 ون ڊي ۽ 4 ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچون کيڏي چڪو آهي. ان کان علاوه کاٻي هٿ سان تيز بالنگ ڪندڙ محمد عمران جونيئر، وڪيٽ ڪيپر بيٽر سعد بيگ به اسڪواڊ ۾ شامل ڪيا ويا آهن. سعد بيگ کي 2025-26ع جي قائداعظم ٽرافي ۾ ٽورنامينٽ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو هو. ٻين ٻن نون رانديگرن ۾ ساڄي هٿ سان تيز بالنگ ڪندڙ آل رائونڊر محمد عمران (جنهن کي عمران رنڌاوا جي نالي سان پڻ سڃاتو وڃي ٿو) ۽ رضاالله شامل آهن. پي سي بي جي پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته ”اهي رانديگر انگلينڊ خلاف ٽئين ٽيسٽ کان اڳ پاڪستاني اسڪواڊ ۾ شامل ٿي ويندا.“ پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ ٽن ٽيسٽن جي سيريز جي ٽين ۽ آخري ٽيسٽ 9 سيپٽمبر تي برمنگهم ۾ کيڏي ويندي.
ڪوچنگ اسٽاف ۾ به تبديلي
پڌرنامي موجب، پاڪستان جي ٽيسٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ سرفراز احمد ۽ بالنگ ڪوچ عمر گل کي به پنهنجين ذميوارين تان فارغ ڪيو ويو آهي. انهن جي جاءِ تي وائيٽ بال ٽيم جا هيڊ ڪوچ مائڪ هيسن ۽ ايشلي نوفڪي ڪوچنگ اسٽاف ۾ ذميواريون سنڀاليندا.برمنگهم ٽيسٽ لاءِ پاڪستان جو نئون اسڪواڊ، بابر اعظم (ڪپتان)، عبدالله فضل، عرفات منہاس، اذان اويس، محمد عباس، محمد علي، محمد عمران، محمد عمران جونيئر، محمد غازي غوري (وڪيٽ ڪيپر)، رضاالله، سعد بيگ (وڪيٽ ڪيپر)، صائم ايوب، ساجد خان، سعود شڪيل، شان مسعود، عبيد شاهه شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو