دنيا جي 22 ڪرڪيٽرن جو خان جي علاج لاءِ وزيراعظم کي خط

دنيا جي 22 ڪرڪيٽرن جو خان جي علاج لاءِ وزيراعظم کي خط

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)دنيا جي 22 انٽرنيشنل ڪرڪيٽرن، جن ۾ 21 اڳوڻا ڪپتان شامل آهن، وزيراعظم شهباز شريف کي خط لکي اڳوڻي پاڪستاني وزيراعظم عمران خان جي طبي علاج لاءِ تازن سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي عمل ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.
18،آگسٽ تي سپريم ڪورٽ حڪومت کي هدايت ڪئي هئي ته عمران خان کي ٻن ڏينهن اندر اسلام آباد جي خانگي اسپتال شفا انٽرنيشنل منتقل ڪيو وڃي، جتي مختلف شعبن جي ماهرن تي ٻڌل ميڊيڪل بورڊ سندس طبي معائنو ۽ علاج ڪري.
بهرحال، بعد ۾ معلوم ٿيو ته عمران خان کي شفا انٽرنيشنل بدران سرڪاري اسپتال پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز (پمز) منتقل ڪيو ويو.
ان دوران اها به رپورٽ سامهون آئي ته پمز ۾ عمران خان جي تجويز ڪيل ڪمپيوٽيڊ ٽوموگرافي اينجيوگرافي (CTA) به نه ٿي سگهي، ڇاڪاڻ ته اسپتال ۾ ان لاءِ گهربل سهولتون موجود نه هيون.
’اِي ايس پي اين ڪرڪ انفو‘ جي رپورٽ ۾ ڄاڻايل 22 اڳوڻن ڪرڪيٽرن جي خط ۾ چيو ويو: ”پاڪستان جي سپريم ڪورٽ حڪم ڏنو هو ته عمران خان کي اسپتال منتقل ڪيو وڃي، جتي هڪ ميڊيڪل بورڊ سندس معائنو ڪري، ۽ ان بورڊ ۾ سندس ذاتي ڊاڪٽرن ۽ سندس ڀيڻ ڊاڪٽر عظميٰ خان کي به شامل ڪيو وڃي.
”عدالت هفتيوار خانداني ملاقاتون به بحال ڪيون هيون. اهي قدم انتهائي ڀليڪار هئا.“
بهرحال، اڳوڻن ڪرڪيٽرن چيو ته عمران خان جو اسپتال ۾ رهڻ صرف ڪجهه ڪلاڪن تائين محدود رهيو.
خط ۾، ’اِي ايس پي اين ڪرڪ انفو‘ جي رپورٽ ۾ چيو ويو ته ”عدالت جي حڪم موجب قائم ڪيل ميڊيڪل بورڊ بدران رياست طرفان مقرر ڪيل ٽيم سندس معائنو ڪيو، کيس ’طبي طور تي صحتمند‘ قرار ڏنو ويو ۽ ان کان اڳ جو عدالت جي حڪم تي قائم ڪيل بورڊ پنهنجو ڪم مڪمل ڪري سگهي، کيس واپس اڊيالا جيل موڪليو ويو.“
اڳوڻن ڪرڪيٽرن جي مطالبن ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تي قائم ڪيل ميڊيڪل بورڊ، جنهن ۾ عمران خان جا پنهنجا ڊاڪٽر به شامل آهن، کي سندس صحت جو مڪمل ۽ آزاداڻي جائزو وٺڻ جي اجازت ڏني وڃي، خاص طور تي سندس ساڄي اک جي نظر متاثر ٿيڻ بابت رپورٽ جي حوالي سان، عدالت طرفان بحال ڪيل هفتيوار خانداني ملاقاتن کي بنا ڪنهن رڪاوٽ يا انتظامي دير جي يقيني بڻايو وڃي، طبي معائني جي نتيجن کانپوءِ عمران خان کي تجويز ڪيل علاج بنا دير فراهم ڪيو وڃي.
خط تي صحيح ڪندڙ ڪرڪيٽرن ۾ مائيڪل ايٿرٽن، ايلڪس بليڪ ويل، ايلن بارڊر، مائيڪل بريئرلي، گريگ چيپل، ايان چيپل، بيلنڊا ڪلارڪ، اليسٽر ڪڪ، مائيڪل گيٽنگ، سنيـل گاواسڪر، لي جرمون، ايڊم گلڪرِسٽ، ڊيوڊ گاور، ڪِم هيوز، ناصر حسين، ڪلائيو لائيڊ، ڪپل ديو، ارجونا راناٽنگا، اينڊريو اسٽراس، دليپ وينگسارڪر، اسٽيو وا ۽ جان رائٽ شامل آهن.
پنهنجي اپيل ۾ هنن چيو ته هو ”سياستدانن جي حيثيت سان نه، پر انهن اڳوڻن ساٿين ۽ حريفن جي حيثيت سان لکي رهيا آهن، جن جي وچ ۾ ڪرڪيٽ جي ميدان تي قائم ٿيل هڪ رشتو موجود آهي.“ هنن وڌيڪ چيو ته هو پاڪستان جي اندروني قانوني معاملن بابت فيصلو ڏيڻ نٿا چاهين.
انهن مان ڪيترن ئي ڪرڪيٽرن فيبروري ۾ به اختيارين کي اپيل ڪئي هئي ۽ عمران خان سان ٿيندڙ ورتاءَ ۽ جيل جي حالتن بابت ”گهري ڳڻتي“ جو اظهار ڪيو هو. ڪرڪيٽ جي انهن وڏن نالن پاڪستان حڪومت تي زور ڀريو هو ته عمران خان کي فوري ۽ مناسب طبي سهولتون، باوقار ورتاءُ ۽ قانوني عمل تائين بنا رڪاوٽ رسائي يقيني بڻائي وڃي.
عمران خان 5 آگسٽ 2023ع کان جيل ۾ آهي. کيس ڪيترن ئي ڪيسن ۾ سزا ٻڌائي وئي آهي، جن بابت سندس چوڻ آهي ته اهي 2022ع ۾ پارلياماني ووٽ ذريعي سندس حڪومت ختم ٿيڻ کانپوءِ سياسي بنيادن تي قائم ڪيا ويا.
گذريل ڪجهه مهينن دوران عمران خان جي صحت بابت تمام گهڻي ڳڻتي ۽ بحث ٿيو آهي. کيس اکين جي تڪليف، يعني ساڄي اک جي سينٽرل ريٽينل وين اوڪلوزن (CRVO) سبب ڪيترائي ڀيرا اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. اها بيماري پهريون ڀيرو جنوري جي آخر ۾ سامهون آئي هئي.
ٻئي طرف، سندس جماعت پي ٽي آءِ ۽ حڪومت وچ ۾ به هڪ ٻئي تي الزام لڳائڻ جو سلسلو جاري آهي. پي ٽي آءِ حڪومت تي عمران خان کي مناسب علاج فراهم ڪرڻ ۾ شفافيت نه رکڻ جو الزام لڳائي رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو