صوڀوديرو (مظهر نعمت علي منڱڻيجو) درگاھ صوفي بزرگ حضرت دائود شاھ جهانيان عرف دادلي سرڪار جو ساليانو عرس مبارڪ شروع ٿي ويو عرس مبارڪ جي موقعي تي هڪ سدا بهار ميلو لڳايو ويو آهي جنهن ۾ مٺاين، مڃهار جا دڪان سينگاري رنگ به رنگين بازارون قائم ڪيو ويون آهن. هن ميلي ۾ چوڏيلون، ڦرڻيون، چڙيا گهر، مشهور سنڌي ڊرامي مشڪرن جي ڳوٺ جا اداڪارن پاران کل ڀوڳ چرچن جو پروگرام ڪرڻ سميت ٻيا ڪيترائي ماڻهن جي تفريح لاءِ شو لڳي ويا آهن جڏهن ته درگاھ دائود عرف دادلي سرڪار جي ميلي جي موقعي تي راڳ رنگ جون محفلون پڻ متل ماڻهو خوب لطف اندوز ٿيڻ لڳا. هن ميلي ۾ سنڌ پنجاب جي ملھ پهلوانن جا وڏا وڏا مقابلا جاري آهن پھريون جوڙ جي ملھ پهلوانن گلاب چنا نذير ڀاڳت، جبار چنا، نذير شيخ، حنيف راهو، اعجاز شيدي، مرتضيٰ مهر، محمد خان ڦل، امين ٿيٻو، پرويز ملاح ۽ جڏهن ته ٻئي جوڙ ۾ ربنواز رند، حسين مغيري، ٽئين جوڙ جي واحد بخش ڀٽي، غلام عباس ڀاڳت ۽ ٻين ڪيترن ئي ملھ پهلوانن ملھ مارڻ لاءِ ننهن چوٽي جو زور لڳائي وڏا وڏا مقابلا ڪيا ملھ پهلوانن ملھ ماري خوب داد حاصل ڪيو جڏهن ته دالي سرڪار جي ميلي ۾ صوفي فنڪارن رحمان علي ميراڻي ۽ سندس ساٿي,مختيار شيدي جو شاگرد غلام قادر دايو ۽ سندس ساٿي ۽ ٻين صوفي فنڪارن سڄي رات راڳ رنگ جي محفل مچائي محفل ۾ ويٺل ماڻھن کي جھومائي ڇڏيو. ميلي ۾ مھمان خاص طور چنا ويلفيئر ايسوسيئيشن جي چيئرمين ايس ايس پي سردار نثار احمد چنا، سيٺ بشير چنا، مھدي حسن ڀاڳت، ھنڱورجا پريس ڪلب جي صدر فرمان علي سھتو، عابد سولنگي، سڳيون جي صحافين گلاب علي سيال، لالا اشفاق احمد ڀاڳت، مظهر نعمت علي منڱڻيجو ھئا.










