ٺل(عبدالنبي شيخ (“جل جل مشعل جل”جا هوڪرا پئجي ويا، گدائي جي پتنگن جو وڏو ميڙو، پرجوش نعرن سان شهر گونجي پيو،سج لهندي ئي ليکڪن،قلمڪارن،سياسي ۽ سول سوسائٽي جي ڪارڪنن،ساڃاهه وند ۽ سڄاڻ شهرين مشعلون روشن ڪري عظيم انقلابي ۽ عوامي شاعر عبدالڪريم گدائي کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ مشعل بردار ريلي ڪڍي عظيم شاعر کي ڀرپور خراج پيش ڪيو،ٺل شهر مشعلن سان روشن ٿي ويو،سنڌي ادبي سنگت ٺل پاران“جنوري جشن گدائي“جون تقريبون هلندڙ،ڪالهه سج لهڻ سان ميونسپل ڪاميٽي کان پريس ڪلب ٺل تائين عاليشان مشعل بردار ريلي نڪتي،جنهن جي اڳواڻي گدائي ميلا ڪاميٽي جي چيئرمين ۽ ساس ٺل جي سيڪريٽري اصغر سجاڳ، سنڌي ادبي سنگت جي ضلعي رابطا سيڪريٽري نفيس سومرو،سياسي سماجي اڳواڻ ليکڪ محبوب علي سومرو،ايس يو پي جي ضلعي صدر جمال جوش ٻرڙو،جسقم اڳواڻ لياقت سرڪي،عوامي تحريڪ جي ضلعي اڳواڻ ارشاد نوناري،پي ٽي آءِ اڳواڻ راحيل سرتاج دايو،سٽيزينس فورم جي بلاول دايو،هندو پنچائت جي اڳواڻ جئه چند لال، صحافين ۽ قلمڪارن نماڻو نوناري،عبدالنبي شيخ،نياز لاشاري،حفيظ سومرو،عرفان مغل۽ ٻين ڪئي،مشعل بردار ريلي ۾ سرد هوائن دوران گرما گرم نعرا لڳندا رهيا ۽ پرجوش نعرن سان شهر گونجي اٿيو،لاٽ ٻرندي رهي،ساٿ هلندو رهي، گدائي جي ڌرتي زنده باد، گدائي جا هاري زنده باد،گدائي جا پورهيت زنده باد،گدائي جا گيت زنده باد ۽ ٻيا نعرا گونجندا رهيا،مشعل بردار ريلي شهر جو گشت ڪري،چوواٽن کي مشعلن سان روشن ڪري پريس ڪلب پهتي،جتي سياسي سماجي اڳواڻ ليکڪ محبوب علي سومرو چيو ته گدائي پنهنجي وقت جو تمام وڏو ماڻھو ۽ وڏو شاعر هو،هو هڪ غريب گهراڻي ۾ پيدا ٿيندڙ فڪري ۽ شعوري طور تمام وڏو شاعر هو،هن جي شاعري ۾ ھارين، پورهيتن ۽ پيڙھيل طبقي جي امنگن جي ڳالھ ٿيل آھي،گدائي ميلا ڪاميٽي جي چيئرمين اصغر سجاڳ خطاب ڪندي چيو ته اڄ گدائي جا پتنگ ۽ عاشق گڏ ٿيا آهن ۽ گدائي کي خراج پيش ڪن ٿا،هن چيو ته مشعلن مان مشعلون ٻرنديون،گدائي جي لاٽ اجهائڻ نه ڏبي،هن چيو ته اياز ميلي، صوفي ميلي يا ٻين ميلن سان ڪا ڀيٽ ناهي،سڀني ميلن جو پنهنجو رنگ آهي پر اسان فخر سان چئون ٿا ته هي گدائي جي نالي تي هي پورو جنوري جو جشن،ايشيا جو وڏي ۾ وڏو ادبي ميلو آهي،هن اعلان ڪيو ته هر سال جنوري جي مهيني جشن گدائي ملهايو ويندو،هن چيو ته اچو ته گڏجي گدائي سان محبت جو مظاهرو ڪريون، مشعل بردار ريلي ۾ سنڌي ادبي سنگت،ايس يو پي،ٺل انٽيليڪچوئل اسيمبلي،جسقم،عوامي تحريڪ،هندو پنچائت،گسٽا، پي ٽي آءِ،سٽيزنس فورم،ينگ دايه ويلفيئر ايسوسيئشن ۽ ٻين تنظيمن شرڪت ڪئي،12 جنوري تي اديبن ۽ ساڃاهه وندن جا قافلا گدائي جي آخري آرام گاهه جيڪب آباد ۾ سندس مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهيندا،سڄو جنوري گدائي کي ڀيٽا لاءِ تقريبون جاري رهنديون.










