مٺي (لياقت نھڙيو) ٿرپارڪر جي ضلعي هيڊڪوارٽر واري شهر مٺي ۾ ٿر ثقافتي ميلو 2020 مٺي ۾ منعقد ڪيو ويو، ثقافتي ميلو سلام پاڪستان جي زير عنوان منعقد ڪيو ويو. ثقافتي ميلي جو انعقاد مٺي ماروي اسپورٽس اسٽيڊيم ۾ حڪومت سنڌ، پاڪ رينجرز سنڌ’ اينگرو انرجي لميٽيد ،سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني ،ٿر فائونڊيشن ۽ شنگهائي اليڪٽرڪ جي سھڪار سان منعقد ڪيو ويو. ميلي جو افتتاح وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه ڪيو، ميلي ۾ وزير توانائي امتياز شيخ، وزير ثقافت سردار علي مهمان خاص طور شريڪ ٿيا، تقريب ۾ اينگرو انرجي جو سربراهه احسن ظفر سيد، سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني ۽ ٿر فائونڊيشن جو سربراهه سيد ابوالفضل رضوي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

ميلي ۾ گهوڙن جي ڊوڙ، اٺن جي رقص سميت هيلي ڪاپٽر مان پيرا جمپنگ ۽ پيرا گلائيڊنگ جو پڻ مظاھرو ڪيو ويو. سنڌ جي روايتي ملاکڙو راند جا مقابلا پڻ منعقد ڪيا ويا جنھن ۾ پھرين، ٻئين ۽ ٽئين جوڙ جي ملاکڙن جي مقابلي جي ملھ پھلوانن ۾ انعام ورهايا. ميلي ۾ مختلف تنظيمن ۽ ادارن پاران اسٽال لڳايا ويا، تقريب ۾ ٿر فائونڊيشن اسڪولن جي ٻارڙن مارشل آرٽ جو مظاهرو پڻ ڪيو جڏهن ته شهرين پڻ ثقافتي ميلي ۾ وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪري پنهنجي دلچسپي جو اظهار پڻ ڪيو.

ٿر ديپ ٿرپارڪر پاران وڏي وزير سيد مراد علي شاھ اعزازي شيلڊ پيش ڪئي. ان موقعي تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه آڪسفورڊ اسڪول اسلام ڪوٽ ۽ قائد اعظم رينجر اسڪول ڏيپلو جي شاگردن کي ٽيبلو ۽ ملي نغما، ثقافتي راڳ پيش ڪندڙن ۾ پيش ڪرڻ تي انعام ڏنا ويا. ثقافتي ميلي کي مھمان خاص سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي خطاب ڪندي چيو ته اسان ڪجهه سال اڳ اهو نعرو هنيو هو ته ٿر بدليندو پاڪستان ته ماڻهو اها ڳالهه مڃڻ لاءِ تيار نه هئا پر اسان اڄ اهو سچ ثابت ڪري ڏيکاريو آهي اڄ ٿر جو ڪوئلو بجلي پيداوار ڪري رهيو آهي جنهن سان اڄ تائين تقريبن 4 هزار ميگاواٽ بجلي نيشنل گرڊ کي فراهم ڪري چڪا آهيون. جڏهن ته 2021 ۾ 3 هزار ميگا واٽ بجلي نيشنل گرڊ اسٽيشن کي فراهم ڪندا سون.

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران بهترين ۽ ڪامياب ثقافتي ميلو منعقد ڪرڻ تي پاڪ رينجرز،ٿر اينگرو ڪول مائننگ، ٿر فائونڊيشن ، شنگهائي اليڪٽرڪ ڪمپني ۽ ضلعي انتظاميا ميونسپل انتظاميا کي مبارڪباد پڻ پيش ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاه وڌيڪ چيو ته ٿر جي زمين سون ورني زمين آهي جنهن مائي ڀاڳي، صادق فقير جهڙن ماڻهن کي جنم ڏنو ۽ اڄ اسان لاءِ ڪاروسون ڪوئلو پيش ڪري رهي آهي. ڪوئلي جي مڪمل رائلٽي جيڪا جون 2020 کان ملڻ شروي ٿيندي ڪوئلي جي مالڪن يعني ٿر جي ماڻهن جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ استعمال ڪئي ويندي. بلاڪ ون جي کوٽائي جا متاثر ماڻهو دل جائي ڪن کين اڪيلو نه ڇڏيو ويندو بلاڪ ٽو جي متاثر وانگر انهن کي پڻ نوڪريون گهر ۽ ٻارن لاءِ بهترين تعليم فراهم ڪرڻ لاءِ اپاءَ ورتا ويندا. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ٿر ۾ ايئر پورٽ ٺهي چڪو آهي ۽ سٺا روڊ رستا سفري سهولتن سان گڏوگڏ اقتصادي ترقي پڻ ممڪن آهي. هن وڌيڪ چيو ته ٿر جا ماڻهو باشعور رواداري ۽ سهپ سان مالا مال آهن جيڪا هندو ۽ مسلم پاڻ ۾ ڀائرن وانگر هڪ ٻئي جو خيال رکن ٿا جنهن جو مثال دنيا ۾ ڪو نه ٿو ملي.

هن چيو ته ٿر جا منصوبه ٿر جي عوام پاڻ کي ئي هلائڻا آهن جنهن جو هو پاڻ مالڪ آهي ڇاڪاڻ ته ٿر جي عوام هميشه پيپلز پارٽي کي کلي دل سان سپورٽ ڪيو آهي اسان پڻ انهن کي مايوس نه ڪنداسون. ان موقعي تي صوبائي صلاحڪار ڊاڪٽر کٽو مل جيوڻ ، ايم اين اي ڊاڪٽرمهيش ڪمار ملاڻي ، ايم پي ايز ارباب لطف الله ، قاسم سراج سومرو ، فقير شير محمد بلالاڻي ، سريندر ولاسائي ، ڊويزنل ڪمشنر ميرپورخاص عبدالوحيد شيخ ، ڊي آئي جي پوليس ثاقب اسماعيل ميمڻ ، ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر ڊاڪٽر شهزاد طاهر ٿهيم ، ايس ايس پي ٿرپارڪر عبدالله احمد ۽ ٻيا واسطيدار آفيسر پڻ موجود هئا.










