نوڪيا نئون سمارٽ فون پاڪستان ۾ متعارف ڪرائي ڇڏيو

نوڪيا نئون سمارٽ فون پاڪستان ۾ متعارف ڪرائي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نوڪيا پنهنجو نئون بجٽ سمارٽ فون 2.3 پاڪستان ۾ متعارف ڪرائي ڇڏيو. ڪمپني طرفان اهو نئون سمارٽ فون متعارف ڪرائيندي ان کي ڪيمرا ۽ انٽرٽينمينٽ فراهم ڪندڙ بجٽ فون قرار ڏنو ويو آهي. نوڪيا 2.3 ڊبل سم (نينو سم) فون آهي جنهن ۾ اينڊرائيڊ آپريٽنگ سسٽم ڏنو ويو آهي پر ان کي اينڊرائيڊ 10 سان اپ ڊيٽ ڪري سگهجي ٿو. 6.2 انچ جي ايڇ ڊي پلس ڊسپلي واري فون ۾ ڪواڊ ڪور ميڊيا ٽيڪ ييليو اي 22 ايس او سي پراسيسر، 2 جي بي ريم ۽ 32 جي بي اسٽوريج ڏني وئي آهي جنهن ۾ ايس ڊي ڪارڊ سان 400 جي بي تائين اضافو ڪري سگهجي ٿو. ڪمپني دعويٰ ڪئي آهي ته ان جي 4000 ايم اي ايڇ پاور جي بيٽري مڪمل چارجنگ تي 2 ڏينهن تائين ڪم ڪري سگهي ٿي ۽ اهو اهڙي ماڻهو لاءِ بهترين آهي جيڪي سمارٽ فون کي زيادهه استعمال ڪن ٿا. بيٽري چارجنگ لاءِ 5 واٽ جي فاسٽ چارجنگ سپورٽ به ڏني وئي آهي جڏهن ته گوگل اسسٽنٽ لاءِ هڪ بٽڻ مختص ڪيو ويو آهي. ان فون ۾ڊبل ڪيمرا سيٽ اپ ڏنو ويو آهي. مين ڪئمرا 13 ميگا پڪسل جو آهي جنهن سان گڏ ايف 2.2 آپرچر ڏنو ويو آهي جڏهن ته 2 ميگا پڪسل ڊيپٿ ڪيمرا پورٽريٽ موڊ لاءِ آهي جنهن سان ڪيترائي ڌنڌلا پس منظر جا ايفيڪٽس ڏنا ويا آهن.  ڪمپني مطابق ان ۾ ريڪومينٽڊ شو فيچر آهي جڏهن ته فرنٽ 5 ميگا پڪسل سيلفي ڪيمرا واٽر ڊراپ نوچ ۾ موجود آهي. اهو فون 20 ڊسمبر کان پاڪستان ۾ 18 هزار رپين ۾ صارفين لاءِ دستياب هوندو. ان کان پهرين خيال ڪيو پيو وڃي ته ڪمپني طرفان پنهنجو پهريون 64 ميگا پڪسل ڪميرا وارو فون 8.2 متعارف ڪرايو ويندو پر ان جي جڳهه تي نوڪيا 2.3 کي پيش ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو