نئون ديرو(شاد محمود ڀٽو ) سنڌ جي مختلف شھرن ۾ تباھي مچائيندڙ ماڪڙ نئون ديرو ڀرسان ڳوٺ سالار ڀٽو ۾ به ڪڻڪ ،ٽماٽر ۽ ٻين فصلن کي کائي ناس ڪري ڇڏيو . ڳوٺاڻن وفاقي ۽ صوبائي حڪومت پاران واهر نه ڪرڻ بعد ڳوٺاڻن پاران نجات لاء قرآن خواني ۽ خيرات في سبيل الله جو بندوبست ڪيو. خادم حسين ڀٽو ، فدا حسين ڀٽو ،اسد علي ڀٽو، وسيم سومرو، زوار غلام حيدر ڀٽو، اشفاق علي سومرو ۽ ٻين پاران وارھ بئراج جي پل تي قرآن پاڪ جي تلاوت ڪرائي وئي جنهن بعد خيرات في سبيل الله ننگر جو بندوبست پڻ ڪيو ويو جيڪو ڳوٺاڻن ۾ تقسيم ڪيو ويو ۽ ماڪڙ کان نجات لاء آخر ۾ اجتمائي دعا گھري وئي.










